سنڌ اسيمبلي گستاخ خاڪن خلاف گڏيل مذمتي قرارداد منظور ڪري ورتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ فرانسيسي رسالــَي پاران ٻيهر گستاخ خاڪا شايع ڪرڻ خلاف گڏيل مذمتي ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، جڏهن ته ڪمند جي اگهن واري معاملي تي مخالف ڌر ۽ ڪارڪنن جي قتل خلاف ايم ڪيو ايم ميمبرن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو. سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس دوران فرانسيسي رسالي پاران ٻيهر گستاخ خاڪا شايع ڪرڻ خلاف مذمتي ٺهراءُ حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن گڏيل طور پيش ڪيو جيڪو بحث کانپوءِ ايوان منظور ڪري ورتو. ٺهراءُ جو مسودو متحده ميمبر سيد سردار احمد ۽ صوبائي وزير نثار کهڙي پڙهي ٻــُڌايو.ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو ته ڊينمارڪ ۽ جرمني کانپوءِ فرانس ۾ گستاخ خاڪا شايع ڪرڻ اظهار جي آزادي جي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. ٺهراءَ موجب گستاخ خاڪا شايع ڪري اسلامي دنيا ۽ مسلمانن جا جذبا مجروح ڪيا ويا جنهن تي ذميوارن کي سخت سزا ڏني وڃي. ٺهراءَ جي متن ۾ وڌيڪ چيو ويو ته گڏيل قومون، يورپي يونين ۽ او آءِ سي ڏوهي حرڪت جو نوٽيس وٺن. گستاخ خاڪن خلاف ٺهراءَ جي معاملي تي ايم ڪيو ايم ۽ حڪومتي ميمبرن وچ ۾ ڏند چڪ پڻ ٿي، متحده ميمبرن سيد سردار احمد ۽ رئوف صديقي چيو ته گستاخ خاڪن جي معاملي تي اسلامي ملڪن جي خاموشي افسوسناڪ آهي ۽ معاملي تي او آءِ سي جو اجلاس گهــُرايو وڃي. هنن چيو ته توهين رسالت تي ٻڌل لٽريچر سڄي دنيا ۾ سازش تحت شايع ڪيو پيو وڃي، گستاخ خاڪن تي ردعمل کي تهذيبن جو ٽڪراءُ چوڻ غلط آهي. پ پ ميمبرن مخدوم جميل الزمان، ڄام خان شوري، روبينا قائمخاني ۽ خير النساءِ مغل چيو ته مسلمان ٻيو سڀ ڪجهه برداشت ڪري سگهن ٿا پر نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخي برداشت نه ڪئي ويندي. هنن چيو ته گستاخ خاڪا شايع ڪري مسلمانن جا جذبا مجروح ڪيا ويا ۽ فرانسيسي رسالــَي اهڙي ڪريل حرڪت ڪري اسلامي دنيا ۾ انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ارباب غلام رحيم چيو ته گستاخ خاڪا شايع ڪرڻ اسلام ۽ مسلم دنيا خلاف سازش آهي، مسلمان نبي سڳورن جي حرمت تي يقين رکن ٿا. ارباب غلام رحيم چيو ته او آءِ سي، اوهه آءِ سي بڻجي وئي آهي، نائين اليون کانپوءِ اسلامي دنيا خلاف سازشون ٿي رهيون آهن. اجلاس دوران ڪڻڪ جي سرڪاري اگهه تي عمل نه ٿيڻ بابت ڳالهائڻ تي اجازت نه ملڻ تي اپوزيشن ليڊر شهريار مهر احتجاج ڪيو. شهريار مهر چيو ته سنڌ جي آبادگارن جو مسئلو آهي، ايوان ۾ ڳالهائڻ کان نه روڪيو وڃي. نثار کهڙي چيو ته آبادگارن جي مسئلن جي ڄاڻ آهي، اپوزيشن پوائنٽ اسڪورننگ نه ڪري. ان موقعي تي شهريار مهر کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرن ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. اپوزيشن ليڊر چيو ته حڪومت طرفان ڪڻڪ جو اگهه هڪ سئو 82 رپيا في مڻ مقرر ڪيو ويو آهي، پر شگر ملز انتظاميه ان تي عمل نه ڪري رهي آهي. نثار کهڙي چيو ته حڪومت شگر ملز بند ٿيڻ ۽ سرڪاري اگهه تي عمل نه ٿيڻ جو نوٽيس ورتو آهي. هن چيو ته حڪومت کي آبادگارن جي تڪليف جو احساس آهي، سنجيدگي سان مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سينيئر وزير چيو ته شگر ملز طرفان عدالت وڃڻ بعد مسئلا آهن ۽ شگر ملز مالڪن جي ڪيس تي عدالت ٻڌڻي لاءِ فيبروري جي تاريخ طئي ڪئي آهي. شهريار مهر چيو ته حڪومت شگر ملز مالڪن خلاف ڪهڙو ايڪشن ورتو آهي، جنهن تي نثار کهڙي چيو ته شگر ملز مالڪن ۽ آبادگارن وچ ۾ تڪرار سان ڪمند جو فصل تباهه ٿي ويندو. سيد سردار احمد چيو ته سپريم ڪورٽ اسٽي آرڊر نه پر ٻــُڌڻي جي تاريخ مقرر ڪئي آهي، سنڌ حڪومت کي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرڻ گهرجي. سينيئر وزير نثار کهڙي جي بيان تي مخالف ڌر جي ميمبرن شيم شيم جا نعرا هنيا ۽ ايوان مان علامتي واڪ آئوٽ ڪيو. ان کان اڳ ايم ڪيو ايم ميمبر اشفاق منگي ڪراچي ۾ ڪارڪنن جي عدالت کان مٿانهين قتل جي معاملي تي ڳالهين جي اجازت گهــُري. ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي ايم ڪيو ايم ميمبرن احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي. ايم ڪيو ايم ميمبرن، ايوان مان علامتي واڪ آئوٽ به ڪيو جيڪي ڪجهه دير بعد واپس اچي ويا. ان موقعي تي صوبائي وزير نثار کهڙي چيو ته ايم ڪيو ايم آپريشن جو مطالبو ڪيو ۽ هاڻي مخالفت پئي ڪري. سيد سردار احمد چيو ته متحده ڪارڪنن کي قتل ڪيو پيو وڃي، سڪيورٽي جا انتظام فوج حوالي ڪيا وڃن. سنڌ ۾ تعليمي ادارن جي سڪيورٽي بابت ايم ڪيو ايم ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. محمد حسين چيو ته سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا سرڪاري ۽ غير سرڪاري اسڪول آهن جن کي پابندي مڙهيل تنظيمن کان دهشتگرديءَ جو خطرو آهي. متحده ميمبر محمد حسين چيو ته تعيلمي ادارن جي سڪيورٽي لاءِ قدمن بابت آگاهه ڪيو وڃي. تعليم واري وزير نثار کهڙي چيو ته سنڌ جي درسگاهن جي سڪيورٽي لاءِ مڪمل انتظام ڪيا ويا آهن. هن چيو ته خانگي تعليمي ادارن جي سڪيورٽي لاءِ به بهتر قدم کنيا ويا آهن، جڏهن ته تعليمي ادارن جي ڀرپاسي ۾ حددخلين کي هٽايو ويو آهي. نثار کهڙي چيو ته ٻاهرين خطرن سبب تعليمي ادارن جي اندر موجود ماڻهن مان به دهشتگردي جو خدشو هوندو آهي. هن چيو ته 50 کان وڌيڪ اهڙا سينٽر قائم ڪيا ويا آهن جيڪي تعليمي ادارن جي سڪيورٽي کي مانيٽر ڪري رهيا آهن. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين بابت فنڪشنل ليگ ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. نصرت سحر عباسي چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين آغا رفيق کان سياسي دٻاءَ تي استعيفيٰ ورتي وئي. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته اخبارن ۾ مفروضن تي ٻڌل خبرون شايع ڪيون وينديون آهن، آغا رفيق کان استعيفيٰ وٺڻ بابت خبر غلط آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته آغا رفيق سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين جي عهدي تان ذاتي سببن ڪري استعيفيٰ ڏني. ايوان ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي بعد ٽرانسپورٽ ڀاڙا نه گهٽائڻ تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي متحده ميمبر هير سوهو چيو ته حڪومت طرفان ڀاڙا گهٽائڻ جي دعوائن باوجود مسافرن کي رليف ناهي مليو. هير سوهو ٽرانسپورٽ واري وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته انٽر سٽي ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا ڪيترا گهٽايا ويا؟ ان موقعي تي ٽرانسپورٽ واري وزير ممتاز جکراڻي چيو ته ٽرانسپورٽ ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي جنهن تي عملدرآمد نه ٿيڻ جون ڪي به شڪايتون نه مليون آهن. اجلاس ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر وڌيڪ ڪارروائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *