سنڌ اسيمبلي وبائي مرضن جي پکيڙ روڪڻ سميت 2 ڌار ڌار بل منظور ڪري ورتا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ صوبي ۾ وبائي مرضن جي پکيڙ روڪڻ ۽ آءِ سرجري جي ميڊيڪل پريڪٽشنرز کي رجسٽرڊ ڪرڻ توڙي غير رجسٽرڊ ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بابت 2 ڌار ڌار بل منظور ڪري ورتا، اجلاس دوران حيدرآباد ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ واري معاملي تي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ميمبرن ۾ ڏند چڪ پڻ ٿي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو. صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌري، سنڌ ۾ وبائي مرضن جي پکيڙ روڪڻ لاءِ بل ايوان ۾ پيش ڪيو جيڪو منظور ڪيو ويو جڏهن ته بل ۾ ايم ڪيو ايم جون چار ترميمون اڪثريت راءِ سان رد ڪيون ويون. بل ۾ چيو ويو آهي ته موذي بيمارين جي پکيڙ روڪڻ لاءِ آئسوليشن وارڊ قائم ڪيا ويندا. بل جي متن موجب هڪ ٻئي کي لڳندڙ وبائي بيمارين جي روڪٿام سنڌ حڪومت ڪندي. سڪندر مينڌري چيو ته صحت کاتو وفاق کان سنڌ ڏانهن منتقل ٿيڻ بعد قانونسازي ضروري هئي. آءِ سرجري جي ميڊيڪل پريڪٽشنرز کي رجسٽرڊ ڪرڻ ۽ غير رجسٽرڊ ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي جو وارو بل به ايوان منظور ڪري ورتو. ڊاڪٽر سڪندر مينڌري چيو ته اهڙيون شاهديون مليون آهن ته ماهر ڊاڪٽرن کانسواءِ ڪجهه ماڻهو اکين جو آپريشن ڪري رهيو آهن. اپوزيشن ليڊر شهريار مهر چيو ته رڳو اکين جو آپريشن نه پر ماڻهن جي حياتين سان کيڏندڙ ٻين غير قانوني ڊاڪٽرن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي. ان کان اڳ اجلاس دوران ٿر ۾ فوت ٿيل ٻارڙن لاءِ دعا ڪرائي وئي، جڏهن ته ڊاڪٽر فهميده مرزا جي والده ۽ شميم آرا پنهور جي والد جي لاڏاڻي تي به فاتحه خواني ڪئي وئي. اسيمبلي ميمبرن، ڪوٽ راڌا ڪشن واقعي جي مذمت ڪندي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي جڏهن ته واگها بارڊر سانحي ۾ مارجي ويلن لاءِ پڻ فاتحه خواني ڪئي وئي. ان موقعي تي صحافين، گمبٽ ۾ مارجي ويل صحافي جيوڻ آرائين ۽ حيدرآباد ۾ صحافي اشرف سولنگي جي والد عبدالستار جي قتل وارن واقعن خلاف اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ پاران جوابدارن جي گرفتاري بابت خاطري بعد صحافين اجلاس جو بائيڪاٽ ختم ڪري ڇڏيو سوالن جوابن جي وقفي دوران اپوزيشن ميمبرن طرفان اعتراض واري نقطي تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اسپيڪر ميمبرن کي بعد ۾ وقت ڏيڻ جي واعدي تي خاموش ڪرائي ڇڏيو. نصرت سحر عباسي چيو ته ٿر ۾ ويڪسينيشن جو عمل ناڪام ٿي ويو آهي جنهن تي صوبائي وزير ڄام خان شوري چيو ته ويڪسينشن جو عمل جاري آهي، کير جي پيداوار وڌائڻ لاءِ جديد طريقيڪار تي عمل ڪيو پيو وڃي. ڄام خان شوري چيو ته وفاقي حڪومت ارڙهين ترميم تحت ڪجهه ادارا صوبن ڏانهن منتقل نه ٿي ڪرڻ چاهي، مختلف نالن سان ادارا وفاق ۾ قائم ڪيا وڃن. هن چيو ته فوڊ ڊويلپمينٽ اٿارٽي جي نالي سان وفاق ادارو قائم ڪيو آهي، 18 هين ترميم تي مڪمل عملدرآمد نه ٿيڻ جو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اٿاريو وڃي. ان دوران ڄام خان شوري ۽ نصرت سحر عباسي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي، اسپيڪر جي مداخلت تي صورتحال ڪنٽرول ۾ اچي وئي. نصرت سحر عباسي چيو ته سکر جي دارالامان جي حالت انتهائي خراب ٿي چڪي آهي، پناهه وٺندڙ عورتون ڪي به سهولتون ناهن. هن چيو ته سنڌ جي داراالامانن جي حالت بهتر بڻائڻ لاءِ اسيمبلي جي عورت ميمبرن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم ميمبر محمد حسين چيو ته صوبائي وزير، ضمني سوالن جا جواب ڏيڻ بدران سياسي تقرير ڪن ٿا، 18 هين تيميم پ پ اڪيلي سر منظور نه ڪرائي سڀني جماعتن ساٿ ڏنو. صوبائي وزير سڪندر مينڌري چيو ته 18 هين ترميم تحت منتقل ٿيل کاتن بابت معاملن تي وضاحت گهــُربل آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت حل ٿيڻ جوڳا معاملا گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اٿاري چڪي آهي. اپوزيشن ليڊر شهريار مهر چيو ته پهرين نومبر کان صوبي ۾ اسڪولن جي تالابندي ٿي رهي آهي، حڪومت وضاحت ڪري. تعليم واري وزير نثار کهڙي اپوزيشن ليڊر جي سوال کي ضابطي جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو. متحده ميمبر محمد حسين چيو ته اپوزيشن سيٽن لاءِ سندن درخواست تي اڃا تائين ڪارروائي ناهي ٿي، جنهن تي اسپيڪر چيو ته اپوزيشن ليڊر لاءِ درخواست ڏيو ته ڪارروائي ٿيندي. اجلاس دوران حيدرآباد ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ ٺهراءَ تي عمل لاءِ ايم ڪيو ايم ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. متحده ميمبر راشد خلجي چيو ته 16 هزار کان وڌيڪ شاگرد هائير ايجوڪيشن ڪري نڪرن ٿا جيڪي اعليٰ تعليم کان محروم رهن ٿا. راشد خلجي چيو ته سنڌ يونيورسٽي جو حيدرآباد ڪئمپس ختم ڪيو ويو، تعصب پرستي کي ڇڏي حيدرآباد ۾ يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي. ان موقعي تي صوبائي وزير نثار کهڙي چيو ته حيدرآباد ۾ ڪيتريون ئي خانگي يونيورسٽي ڪم ڪري رهيون آهن، ڄامشوري ۾ قائم يونيورسٽيون حيدرآباد وارن لاءِ به آهن. ايم ڪيو ايم ميمبرن نثار کهڙي جي اهڙي بيان کي حقيقتن کان ابتڙ قرار ڏئي ڇڏيو. بعد ۾ ان معاملي تي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ميمبرن ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. فيصل سبزواري چيو ته حيدرآباد ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ مقامي ماڻهن جو مطالبو آهي،ڄامشوري ۾ قائم يونيورسٽي ڄامشوري ضلعي سان تعلق رکي ٿي. ايم ڪيو ميمبر جي خالد احمد، ڪــَي فور منصوبي جو روٽ تبديل ڪرڻ واري معاملي تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. خالد احمد چيو ته ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر بي حس آهي، جنهن اسيمبلي جي حڪمن جي پرواهه نه ڪئي. ان موقعي تي شرجيل ميمڻ چيو ته ڪــَي فور جو روٽ تبديل ڪرڻ تي غور ٿيو هو پر هاڻي تبديلي نه پئي ڪئي وڃي. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ڪــَي فور منصوبي تي 25 ارب رپيا لاڳت ايندي، سال جي آخر ۾ ڪم شروع ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *