سنڌ اسيمبلي سنڌ هندوز ميريج بل 2016 اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ اسيمبلي سومر تي سنڌ هندوز ميريج بل 2016 جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي جنهن تحت هندو، جين ۽ سک برادرين ۾ ٿيندڙ شادين جي رجسٽريشن لازمي هوندي بل جا متن ۽ مقصد بيان ڪندي نثار احمد کهڙو چيو ته هندو ۽ ٻين غير مسلم ڪميونٽيز ۾ ٿيندڙ شادين جي رجسٽريشن نه ٿيندي هئي ۽ شادين جو ڪاغذي ثبوت نه هئڻ سبب انهن ڪميونٽيز کي ڏکيائي پيش اچي رهي هئي ان قانون تحت کين مسلمانن وانگر شادين جي رجسٽريشن جو حق ڏنو ويو آهي بل مطابق شادين جي رجسٽريشن يونين ڪائونسل، يونين ڪميٽي ۽ بلدياتي اداري ۾ ٿيندي قانون انهن شادين تي به لاڳو ٿيندو جيڪي قانون جي منظور ٿيڻ کان اڳ ٿي چڪيون آهن ان قانون جي شيڊول اي ۾ سرٽيفڪيٽ آف ميريج يعني نڪاح نامو به تيار ڪيو ويو آهي بل تي بحث دوران مسلم ۽ غير مسلم ميمبرن ان قانون کي واکاڻيو ۽ چيو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اهڙو ڪو به قانون نه هيو هن قانون جي گهڻو وقت اڳ ضرورت محسوس ٿي رهي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *