سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پ پ ۽ متحده ۾ پارڪ معاملي تي گوڙ، شيم شيم جا نعرا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران شور سبب ايوان هڪ ڀيرو ٻيهر مڇي جي بازار  بڻجي ويو. سنڌ جي اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اسيمبلي اجلاس دوران مڪاني کاتن واري وزير ڄام خان شوري پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ چائنا ڪٽنگ ۽ لنڊن ڪٽنگ ڪنهن ڪئي، اها سڀني کي خبر آهي، چائنا ڪٽنگ جو خاتمو ۽ غير قانوني شادي هال ڪيرايا ٿا وڃن ته ماڻهن کي تڪليف ٿي ٿئي. هن چيو ته حيدرآباد جي لاءِ 80 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا پيا وڃن، حيدرآباد پيپلز پارٽي جو شهر آهي ۽ هتي ڪنهن جي به داداگيري نه هلندي. هن چيو ته ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ موجود بن قاسم پارڪ 10 سالن جي لاءِ بحريا ٽائون کي ليز تي ڏنو پيو وڃي.  اهو پارڪ فلاحي مقصدن جي لاءِ بحريا ٽائون جي حوالي ڪيو پيو وڃي ۽ عوام کان ڪو به پيسو وصول نه پيو ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *