سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني اسلام آباد ۾ نيب هٿان گرفتار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيب سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي گرفتار ڪري ٽن ڏينهن جو راهداري رمانڊ حاصل ڪيو آهي. نيب سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي اسلام آباد مان گرفتار ڪري ورتو. آغا سراج دراني تي سرڪاري فنڊن ۾ گهوٻين، سنڌ اسيمبلي جي نئين عمارت جي فنڊن ۾ بيقاعدگي ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو الزام آهي. ذريعن موجب نيب ڪافي عرصي کان آغا سراج دراني خلاف جاچ ڪري رهي هئي جنهن ۾ هاڻي گهڻي اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن جي بنياد تي نيب پ پ اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ذريعن موجب ان حوالي سان نيب هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ اڄ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ نيب ڪراچي جي اختيارين شرڪت ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ آگاهه ڪيو ويو ته آعا سراج دراني اسلام آباد ۾ ئي موجود آهي. ذريعن موجب نيب ڪراچي نيب راولپنڊي جي مدد سان ڪارروائي ڪئي ۽ آغا سراج دراني کي اسلام آباد جي هڪ خانگي هوٽل مان گرفتار ڪيو. آغا سراج دراني جي گرفتاري جي منظوري نيب چيئرمين جاويد اقبال ڏني آهي. آغا سراج دراني کي هوٽل مان نيب جي آفيس منتقل ڪيو ويو، جتي سندس پهرين طبي چڪاس ڪرائڻ بعد راهداري رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. احتساب عدالت آغا سراج دراني جو ٽن ڏينهن جو راهداري رمانڊ منظور ڪري ورتو. راهداري رمانڊ کانپوءِ آغا سراج دراني کي ڪراچي منتقل ڪري جاچ ڪئي ويندي. نيب جي بيان موجب نيب ڪراچي نيب راولپنڊي ۽ نيب هيڊ ڪوارٽرز جي انٽيلجنس ونگ جي مدد سان آغا سراج کي گرفتار ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *