سنڌ اسيمبلي جو اجلاس، ڪمند جي اگهه واري معاملي تي حڪومت ۽ اپوزيشن ميمبرن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران سوالن جوابن جي وقفي دوران ارباب غلام رحيم پاران ڪمند اگهه مقرري واري معاملو اٿارڻ تي پ پ ميمبرن وچ ۾ گرماگرمي شروع ٿي وئي، ايم ڪيو ايم کانسواءِ مخالف ميمبر پنهنجون سيٽون ڇڏي اسپيڪر جي روسٽرم جو گهيراءُ ڪيو، جڏهن ته سنڌ اندر ڪڻڪ جي کُليل آسمان هيٺ پوڻ واري معاملي تي به ف ليگ ميمبر نصر سحر عباسي ۽ ڄام مهتاب ڏهر وچ ۾ به جملن جي ڏي وٺ ٿي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير جاويد نانگوري مخالف ڌر جي سولان جا جواب ڏيندي چيو ته ڪراچي جي ماڙيپور ۽ ڪجهه حيدرآباد جي علائقن ۾ قبضا معافيا سرڪاري زمينن تي ڏيرا ڄمايون ويٺا آهن، جتان قبضا ختم ڪرڻ لاءِ پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان مدد ورتي پئي وڃي. هن چيو ته سنڌ اندر 23 مارچ 1985 کان آباد 40 کان 50 گهرن تي بڌل آبادين کي ليز ڪيو پيو وڃي ، جنهن لاءِ لاڳاپيل وزارت ان معاملي کي ڏسي رهي آهي، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ ليز جو ڪم شروع ٿي ويو آهي. زمينن جي ليز معاملي تي ف ليگ ميمبر نصرت سحر عباسي حصو وٺندي چيو ته سنڌ سرڪار زمينن تان  قبضا ڇڏرائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن، جنهن بابت ايوان ۾ ڪجهه تفقصيل پيش ڪيا وڃن. نصرت سحر عباسي جي اهڙي سوال تي پ پ وزير جاويد نانگوري جواب ڏيندي چيو ته سرڪاري زمينن تان قنضا ختم ڪرائڻ لاءِ پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان مدد ورتي پئي وڃي. پ پ وزير جاويد نانگوري چيو ته ڪجهه ڪچي آبادي وارن علائقن کي سڪيورٽي ڪليئرنس نه ملڻ ڪري ليز نه پئي ڏني وڃي،  ليئرنس ملڻ کانپوءِ ليز وارو عمل تيز ڪيو ويندو. صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته سنڌ اندر ڪٿي ۾ ڪڻڪ کُليل آسمان هيٺ نه آهي پيل، جڏهن ته ڪڻڪ جي مند دوران آبادگارن جي سهولت لاءِ ڪڻڪ گدامن ٻاهر رکي ويندي آهي. ايم ڪيو ايم ميمبر دلاور قريشي چيو ته ٻني شهرن مان گدام خلا ٿيڻ بعد ڪراچي ڏينهن منتقلي واري مرحلي ۾ خرچ لڳندا آهن، ان لاءِ بهتري ناهي جو اڳواٽ ئي ڪجهه بهتر بندوبست ڪيا وڃن. ڄام مهتاب ڏهري اهڙي سوال جي جواب ۾ چيو ته کارايو به وڃي ۽ پياريون به وڃي ، جنهن تي ميمبر دلاور شاهه اسپيڪر کي اهڙا لفظ اجلاس مان خارچ ڪرڻ جي درخواست ڪئي. اجلاس دوران ارباب غلام رحيم پاران ڪمند جي اگهه تي ڳالهائڻ تي پ پ ميمبر گرم ٿي ويا ۽ هن کي ڳالهائڻ کان روڪيو ويو، جنهن تي ايم ڪيو ايم کانسواءِ مخالف ڌر ميمبر پنهنجن پهنجن سيٽن تان اٿي اسپيڪر جي سيٽ جو گهيراءُ ڪيو ۽ اراب کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ احتجاج ڪندا رهيا، جنهن کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا اجلاس سومر ڏينهن ڏهين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *