سنڌ اسيمبلي جو اجلاس، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ميمبرن ۾ جهڙپون، ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو, جيڪي به ٽارگيٽ ڪلر پڪڙيا آهن اهي واٽر بورڊ ۽ ڪي ايم سي جا ملازم آهن، شرجيل ميمڻ،

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ اڄ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن وچ ۾ سخت لفظن جي ڏي وٺ ٿي ۽ ٻنهي هڪ ٻئي خلاف شيم شيم جا نعرا هنيا ان دوران آذان جو آواز به اچي ويو پر ٻنهي بس نه ڪئي ۽ هڪ ٻئي خلاف زوردار نموني ڳالهائيندا رهيا انهن ٻنهي ۾ زباني وات ورندي ان وقت شروع ٿي جڏهن پيپلز پارٽي جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ مڪاني ادارن جي ڪارڪردگي تي ڳالهايو ۽ چيو ته آئون ڪراچي ۾ ڪهڙن ڪهڙن ٽارگيٽ ڪلرن جو نالو وٺان جو هن وقت تائين جيڪي ٽارگيٽ ڪلر پڪڙيا آهن انهن ۾ هڪ فاروق دادا ايم ڊي واٽر بورڊ جو ڊرائيور هو تنهن تي ايم ڪيو ايم جي خواجه اظهارالحسن ورندي ڏني ته آئون ايم ڪيو ايم جي انهن ماڻهن جا نالا ٻڌايان جن کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي ان دوران ٻنهي ۾ زباني جهيڙو شروع ٿي ويو ايتري ۾ اذان اچڻ لڳي پر ٻنهي ان جو ڪوبه احترام نه ڪيو ۽ هڪ ٻئي خلاف زوردار نموني ڳالهائيندا رهيا. اسپيڪر آغا سراج دراني جي سمجهائڻ باوجود خواجه اظهار الحسن ۽ شرجيل ميمڻ هڪ ٻئي خلاف ڳالهائيندا رهيا جنهن کانپوءِ آخرڪار اسپيڪر ٻنهي جا مائيڪ ئي بند ڪرائي ڇڏيا. سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته افسوس ان ڳالهه جو آهي ته حڪومت نيڪ نيتي ڏيکاري رهي آهي ۽ ان تي ٻي طرف کان سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪئي پئي وڃي. بلديات کاتو جڏهن کان پي پي پي وٽ آيو آهي تڏهن کان صورتحال بهتر ٿي آهي، نه ته سڀ ڄاڻن ٿا ته بلدياتي ادارن کي ڪنهن تباهه ڪيو آهي ۽ ڪنهن ”اوور ايمپلائمنٽ” ڪئي آهي. بلدياتي ادارن ۾ ڀرتين لاءِ ڊگريون يا قابليت کي نه ڏٺو ويندو هو. ٽارگيٽڊ آپريشن ۾ گرفتار ٿيندڙ گهڻو ڪري ٽارگيٽ ڪلرز جو تعلق واٽر بورڊ ۽ ڪي ايم سي سان آهي. بدنام زمانه دهشتگرد فاروق دادا ايم ڊي واٽر بورڊ جو ڊرائيور هو. حيدرآباد ۾ مسئلا ماضي کان هلندا پيا اچن. ڪنهن هڪ دور تي پورو ملبو نه وڌو وڃي. اتي مشرف دور ۾ طاقتور ناظم به رهيا آهن، پر مسئلا موجود آهن. حيدرآباد ۾ اڄ تائين ڪنهن به لينڊ فل سائيٽ جي نشاندهي نه ڪئي هئي، اسان جڏهن کان اعليٰ اختياري ڪميٽي بڻائي اتي صحت ۽ صفائي جا معاملا بهتر ٿيا آهن. اسان پهرين به حيدرآباد لاءِ خصوصي پيڪيج ڏنا ۽ اڄ به وزيراعليٰ سنڌ حيدرآباد لاءِ خصوصي پيڪيج ڏيڻ بابت ڪم ڪري رهيو آهي. اسان ڪراچي ۽ حيدرآباد ٻنهي شهرن کي اون ڪيو آهي. هو سومر ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي هڪ ميمبر پاران توجهه ڏياريونوٽيس جو جواب ڏئي رهيو هو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حيدرآباد سميت سموري سنڌ ۾ بلدياتي مسئلا موجود آهن ۽ حڪومت انهن مسئلن کان اکيون بند ناهن ڪيون. انهن مسئلن جو بنيادي سبب بلدياتي ادارن ۾ اوور ايمپلائمينٽ آهي، حيدرآباد جو ادارو واسا هجي يا ڊبليو ايس بي هجي ٻنهي ۾ اوور ايمپلائمينٽ جي ڪري خرچ پورا ناهن ٿيندا. سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي جي ڳالهه اها آهي ته ملازم ڪم نٿا ڪن. سنڌ حڪومت ٻنهي ادارن جي بجلي جي بلن جي ادائيگي جي ڏس ۾ ترتيبوار 50 ڪروڙ ۽ 30 ڪروڙ رپيا هر مهيني ادا ڪندي آهي ته جيئن انهن ادارن جي بجلي نه ڪٽجي. هن چيو ته حيدرآباد ۾ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي چونڊيل ميمبرن ۽ اعليٰ آفيسرن سان هڪ اجلاس منعقد ڪيو ويو هو. انهي ئي اجلاس ۾ هڪ اعليٰ اختياري ڪميٽي جوڙي وئي هئي. ڪميٽي کي چيو ويو هو ته هو انهن ملازمن کي برطرف ڪن جيڪي ڪم نه ٿا ڪن. آفيسرن کي به چيو ويو هو ته بلدياتي ادارن ۾ ڪابه سياسي مداخلت نه هوندي ۽ هو شهرن کي بهتر بڻائي ڏيکارين. اسين پنهنجي وسيلن کان وڌيڪ فنڊ به مهيا ڪيا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت پوري صوبي ۾ قبضن جي خاتمي ۽ صفائي جي مهم شروع ڪئي. حيدرآباد ۾ جتي قبضا هئا سي ختم ڪيا جيڪي ان کان پهرين ڪڏهن به ناهن ٿيا. هن چيو ته حيدرآباد ۾ مسئلا ماضي کان هلندا پيا اچن، ڪنهن هڪ دور تي سمورو بار نه وجهڻ گهرجي. اتي مشرف دور ۾ طاقتور ناظم به رهيا آهن، پر مسئلا پوءِ به موجود آهن. حيدرآباد ۾ اڄ تائين ڪنهن به لينڊ فل سائيٽ جي نشاندهي ناهي ڪئي اسان جڏهن کان اعليٰ اختياراتي ڪميٽي بڻائي آهي اتي صحت ۽ صفائي جا معاملا بهتر ٿيا آهن. اسان حيدرآباد لاءِ پهرين به خصوصي پيڪيج ڏنا ۽ اڄ به وزيراعليٰ سنڌ ان شهر کي هڪ ٻيو خصوصي پيڪيج ڏيڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي. اسان ڪراچي ۽ حيدرآباد ٻنهي شهرن کي اون ڪيو آهي مسئلن کي نيڪ نيتي سان حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. حڪومت وٽ جيڪي وسيلا موجود آهن انهن کي بهتر طريقي سان خرچ ڪرڻ لاءِ منصوبابندي ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *