سنڌ اسيمبلي جو اجلاس، رينجرز اختيارن وارو ٺهراءُ پيش نه ٿيڻ خلاف مخالف پارٽين جو سخت احتجاج، هنگامو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ رينجرز جي خاص اختيارن وارو ٺهراءُ پيش نه ٿيڻ خلاف پ پ مخالف پارٽين ايوان ۾ سخت احتجاج ڪري ڇتي نعريبازي ڪئي،اپوزيشن جي احتجاج سبب اسپيڪر آغا سراج دراني بيوسيءَ جو اظهار ڪرڻ بعد اجلاس سڀاڻي صبح 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پ پ مخالف ٽن پارٽين مسلم ليگ فنڪشنل، نواز ليگ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن گڏيل طور تي رينجرز کي خاص اختيار ڏيڻ لاءِ اعتراز واري نڪتي ڳالهائڻ لاءِ اٿي بيهي سخت احتجاج ڪري وقت گهريو. اسپيڪر مخالف ڌر جي ميمبرز کي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو. آغا سراج دراني جي اهڙي رولنگ تي مخالف ڌر جي پارٽين جا ميمبر سراپا احتجاج بڻجي اسپيڪر جي روسٽرم آڏو پهچي ويا جتي سخت احتجاج ڪيو ويو. اسپيڪر بار بار ميمبر کي پنهنجي سيٽن تي ويهڻ لاءِ چوندو ۽ سمجهائيندو رهيو پر ڪنهن به ميمبرز ساڻس هڪ به نه ٻڌي ۽ پنهنجو احتجاج جاري رکيو. گوڙ دوران سينئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙي پاليسي بيان ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسميبلي مڇي مارڪيٽ بڻجڻ سبب ڳالهائي نه سگهيو. اسپيڪر مخالف ڌر جي سخت احتجاج دوران متحده ايم پي اي خالد احمد کي ڳالهائڻ لاءِ فلور ڏنو ته مخالف ڌر ميمبرز ڇتي نعريبازي شروع ڪري ڇڏي. ايوان دهشتگردن جو يار آ غدار غدار آ، ڪرپشن جو يار غدار غدار آ ۽ شيم شيم توڙي گو گو جي نعرن سان گونجي اٿيو. اسپيڪر ٻيهر رولنگ ڏيندي چيو ته احتجاج ڪندڙ ميمبرز جو مٿس اعتماد ناهي ته ڀلي بي اعتمادي جي رٿ آڻين پر ڪارروائي ايجنڊا موجب هلائي ويندي. سينئر صوبائي وزير نثار احمد کي ٻيهر مداخلت ڪرڻي پئي، هو جذباتي ٿي ويو ۽ چيائين ته مخالف ڌر وارا ڪارروائي هلائڻ نه ٿا ڏين اجلاس ملتوي ڪيو وڃي. مخالف ڌر جي سخت احتجاج حڪومت جون متيون مجهائي ڇڏيون ۽ نيٺ اسپيڪر هل هنگامي واري صورتحال دوران اجلاس جي ڪارروائي اڱاري صبح 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جنهن کان پوءِ پي ٽي آءِ ميمبر خرم شير زمان ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *