سنڌ اسيمبلي جو اجلاس، خيرپور ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال تي ميمبرن ۾ منهن ماري، اسپيڪر ڳالهايل لفظ حذف ڪري ڇڏيا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) فنڪشنل ليگ ميمبر نصرت سحر عباسي چيو ته سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءُ منظور ٿيڻ باوجود سي اين جــِي سلينڊر واريون گاڏيون روڊن تي هلي رهيون آهن. اسيمبلي ميمبرن مطالبو ڪيو ته غير معياري سي اين جــِي تي هلندڙ گاڏين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. مير هزار خان بجاراڻي چيو ته گئس تي هلندڙ مسافر گاڏين کي حفاظتي قدمن جو پابند بڻايو وڃي. اجلاس دوران خيرپور ۾ پوليس آفيسرن جي بدلين واري معاملي تي صوبائي وزير منظور وساڻ ۽ فنڪشنل ليگ ميمبرن ۾ سخت جملن جي ڏي وٺي. نصرت سحر عباسي چيو ته خيرپور ۾ سٺن پوليس آفيسرن سبب امن امان جي صورتحال بهتر ٿي. هن چيو ته خيرپور ضلعي جو عوام جن پوليس آفيسرن جي ڪارڪردگي سان مطمئن آهي انهن جي بدلي ڪئي وئي. نصرت سحر عباسي مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي خيرپور جي سياسي بنيادن تي بدلي نه ڪئي وڃي. ان موقعي تي صوبائي وزير منظور وساڻ چيو ته موجوده ايس ايس پي کي پيپلز پارٽي ئي مقرر ڪيو. هن چيو ته ناري تعلقي ۾ پيپلز پارٽي جي ورڪرز سان زيادتيون ٿي رهيون آهن، امن امان قائم ڪرڻ پ پ حڪومت جي ذميواري آهي. منظور وساڻ چيو ته فنڪشنل ليگ ۽ پوليس آفيسرن جو ڳٺ جوڙ ختم ڪرائڻو پوندو. منظور وساڻ جي فنڪشنل ليگ بابت بيان تي مخالف ڌر ميمبرن احتجاج ڪيو جڏهن ته ڊپٽي اسپيڪر، منظور وساڻ جا تڪراري لفظ ڪارروائي مان حذف ڪرڻ جي رولنگ ڏئي ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *