سنڌ اسيمبلي تيل ۽ گيس پيدا ڪندڙ ضلعن لاءِ رائلٽي مان حصو گهري ورتو

ڪراچي  (اين اين آءِ) سنڌ اسيمبلي گهر ڪئي آهي ته تيل ۽ گيس پيدا ڪندڙ ضلعن ۽ تعلقن کي تيل ۽ گيس جي رائلٽي مان حصو ڏنو وڃي ته جيئن انهن علائقن ۾ ترقياتي ڪم ٿي سگهن ، اها گهر هڪ ٺهراءَ ۾ ڪئي وئي جيڪا نند ڪمار پيش ڪئي هئي، سنڌ اسيمبلي اها به گهر ڪئي آهي ته صوبي جي وڏن شهرن ۾ نيٽ زيرو انرجي بلڊنگ جي تصور کي رائج ڪيو وڃي ۽ ان حوالي سان قانونسازي ڪئي وڃي ته جيئن توانائي جي بحران تي ڪنٽرول ڪيو وڃي، هي مطالبو به هڪ ٺهراءَ جي ذريعي ڪيو ويو جيڪو ايم ڪيو ايم جي ميمبر صابر حسين قائمخاني پيش ڪيو، سنڌ اسيمبلي ايم ڪيو ايم جي هڪ ٻئي ميمبر ڊاڪٽر ظفر احمد ڪمالي جو ٺهراءُ به اڪثريت سان منظور ڪري ورتو جنهن ۾ گهر ڪئي وئي ته ميرپور خاص ۾ دل جي بيمارين لاءِ هڪ ادارو قائم ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *