سنڌ اسيمبلي اجلاس دوران اسپيڪر محمد حسين سخت جملن جي ڏي وٺ، مائيڪ بند ڪرڻ تي متحده ميمبرز جو احتجاج

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جو وقفو هلندڙ آهي، جڏهن ته متحده ميمبر محمد حسين ۽ اسپيڪر وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. سوالن جوابن جي وقفي دوران ٻڌايو وڃي ته سمنڊ ۾ ڪيترو گندو پاڻي وڃي رهيو آهي؟ جنهن تي صوبائي وزير سڪندر مينڌري چيو ته ڪيترائي ملين ليٽر گندو پاڻي وڃي رهيو آهي، پاڻي کي ماپڻ جو ڪو پيمانو ناهي. هن چيو ته صنعتون پنهنجو ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائين، ڊي ايڇ اي، ڪي پي ٽي ۽ ٻيا ادارا به پنهنجو پاڻي ٽريٽ ڪري سمنڊ ۾ ڇڏين. صوبائي وزير ڄام خان شوري چيو ته لياري ندي جو پاڻي ٽريٽ ڪرڻ جو پراجيڪٽ شروع ڪيو ويو آهي. وزير بابت ذاتي جملا چوڻ تي اسپيڪر متحده ميمبر محمد حسين کي روڪي ڇڏيو. ان موقعي تي متحده ميمبر محمد حسين ۽ اسپيڪر وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. محمد حسين چيو ته اسپيڪر رولز خلاف ايوان هلائي رهيو آهي جڏهن ته آغا سراج دراني چيو ته اسيمبلي رولز موجب هلائي پئي وڃي. سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙي چيو ته محمد حسين کي اهڙي قسم جا لفظ استعمال نه ڪرڻ گهرجن، اسپيڪر سندس خلاف ايڪشن وٺي. فنڪشنل ليگ ميمبر مهتاب اڪبر راشدي چيو ته ڳالهه رڳو سمنڊ جي ناهي، ڍنڍون ۽ درياهه به گندا ٿي رهيا آهن، منڇر ڍنڍ مڪمل طور گدلاڻ جي ور چڙهي وئي آهي. هن چيو ته ڇا ماحوليات واري کاتي ڪنهن کي نوٽيس جاري ڪيا آهن؟ جيڪڏهن ڪنهن خلاف ڪارروائي ٿيندي ته ٽربيونل اثرائتا ٿيندا ۽ نه ئي فيصلا چيلينج ٿيندا. مهتاب اڪبر راشدي چيو ته صنعتن کي ٻڌايو وڃي ته اهي ٽريٽمينٽ پلانٽ نصب ڪن، جنهن تي سڪندر مينڌري چيو ته هـُو نوٽيس ڏيندا آهن پر انوائرمينٽ ٽربيونل پاڻ ٻڌڻي ڪندو آهي. سڪندر مينڌري چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ هڪ پلانٽ آهي جيڪو ماحولياتي گدلاڻ پيدا ڪري رهيو آهي ان ڏانهن نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن عمل نه ڪيو ته چالان ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *