سنڌ اسيمبليءَ ۾ مک شاهراهن تي ڌرڻا هڻڻ تي پابندي وارو ٺهراءُ منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ مک شاهراهن تي ڌرڻا هڻڻ تي پابندي، قومي گرڊ اسٽيشن مان ڪراچي کي 650 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪرڻ واري معاهدي ۾ واڌ ۽ باهه سبب سڙندڙ مريضن کي طبي امداد جي فراهمي لاءِ قومي شاهراهه تي برننگ سينٽر قائم ڪرڻ وارا ٺهراءَ منظور ڪري ورتا. اسيمبلي اجلاس دوران پيپلز پارٽي جي ميمبر خيرالنساءِ مغل، مرڪزي شاهراهن تي ڌرڻن ۽ مظاهرن تي پابندي لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو منظور ڪيو ويو. خير النساءِ مغل چيو ته مرڪزي شاهراهن تي ڌرڻن، جلسن ۽ مظاهرن سبب عوامي ڏکيائين ۾ واڌ ٿي رهي آهي، جڏهن ته روڊ بلاڪ هئڻ سبب مريضن کي طبي امداد جي فراهمي ۾ ڏکيائيون ۽ حياتي وڃڻ جو به خطرو هوندو آهي. هن چيو ته حڪومت مرڪزي شاهراهن تي ڌرڻن بابت سخت قانون سازي ڪري. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته احتجاج لاءِ روڊ بلاڪ ڪرڻ بابت قانونسازي وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٺهراءَ بدران اسيمبلي ۾ بل پيش ٿيڻ گهــُرجي ها، احتجاج ۽ ذاتي مقصدن لاءِ روڊ بلاڪ ڪرڻ وارو عمل ختم ڪرايو وڃي. صوبائي وزير نثار کهڙي، قومي گرڊ اسٽيشن مان ڪراچي کي ساڍا 6 سئو ميگاواٽ بجلي فراهم ڪرڻ واري معاهدي ۾ واڌ وارو ٺهراءُ پيش ڪيو ، جيڪو پڻ ايوان اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو. ناڻي واري وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪــَي اليڪٽرڪ کي ڪراچي لاءِ نيشنل گرڊ مان 650 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪرڻ وارو معاهدو ختم ٿي ويو آهي. هن چيو ته وڏي وزير، وزيراعظم کي پهرين جنوري تي ئي معاهدي ۾ واڌ بابت خط لکيو هو، معاهدو 25 جنوري تي ختم ٿي چڪو آهي. باهه لڳڻ سبب سڙندڙ مريضن کي طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ قومي شاهراهه تي برننگ سينٽر قائم ڪرڻ جو ٺهراءُ پيش ڪيو ويو. ٺهراءُ پ پ ميمبر سائره شهلياڻي پيش ڪيو، جيڪو ايوان اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو. ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو ته قومي شاهراهه ۽ ٻين اهم روڊن تي هر 30 ڪلوميٽرن تي برننگ سينٽر قائم ڪيا وڃن جڏهن ته شاهراهن تي مقرر پوليس ۽ ٻين ادارن کي ايمبولنس توڙي فائر برگيڊ به فراهم ڪئي وڃي. ٺهراءَ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته شاهراهن تي برننگ سينٽر قائم ٿيڻ سان باهه سبب سڙندڙ ماڻهن جي حياتي بچائڻ ۾ مدد ملندي. ان موقعي تي صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو ته سڄي سنڌ ۾ ٽراما سينٽر قائم ڪرڻ جو عمل هلندڙ سال مڪمل ٿي ويندو، برننگ سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ جلد منصوبي جي شروعات ڪئي ويندي. ايوان ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر اجلاس جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *