سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ٻي ڏينهن به هنگامو، ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ٻي ڏينهن به هنگامو ٿيو، ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا ۽ نصرت سحر عباسي ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي نصرت سحر عباسي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي شهلا رضا کي امي جان قرار ڏئي ڇڏيو. شهلا رضا جواب ڏيندي چيو ته ڪاش توهان کي امي جان جي احترام جي خبر هجي ها. نصرت سحر عباسي چيو ته توهان کي طنزيه جملا چوڻ جو حق ناهي.  شهلا رضا چيو ته مون کي خبر آهي ته توهان کي سٺي ڪوريج ملي رهي آهي. اجلاس ۾ فنڪشنل ليگ جي ايم پي اي چيو ته امي جان منهنجي مائيڪ کوليو، امي چيو آهي ته ته تميز سان ئي ڳالهائينديس. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پٽ مان توهان کي ئي فيور ڪري رهي آهيان، اڳتي به خيال رکجان، جي پٽ کوليان ٿي، توهان ڳالهايو نه ته توهان کي آئوٽ ڪري ڇڏينديس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *