سنڌو سومرو قتل ڪيس: پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري، ڏاڍائي جي تصديق

لاڙڪاڻو(بيورو) لاڙڪاڻي ۾ قتل ڪيل ٻارڙي سنڌو سومرو جي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي وئي، لاڙڪاڻي ۾ قتل ڪيل ٻارڙي فوزيا عرف سنڌو سومرو جي فائنل پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي وئي، رپورٽ موجب ٻارِڙي کي ڌاڍائي بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي. شهر جي يار محمد ڪالوني ۾ 4 ڏينهن اڳ 5 ورهين جي ٻارڙي فوزيا عرف سنڌو سومرو کي اغوا ڪرڻ بعد جنسي ڏاڍائي بعد قتل ڪيو ويو هو. چانڊڪا سپتال پاران ٻارڙي جي حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي،جنهن ۾ ٻارڙي کي جنسي ڏاڍائي بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ٻارڙي جي قتل ڪيس ۾ پوليس جوابدار يونس عرف ببلو، شعيب جتوئي ۽ نياز جتوئي کي گرفتار ڪيو هو، جن کي گذريل ڏينهن عدالت ٽن ڏينهن جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو هو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *