سني پيڪس جي سي اي او مريم ال باچا سينيما سان لاڳاپيل عورتن جي فهرست ۾ پنجو نمبر

 

لاهور(شوبز نيوز) عالمي سينيما 2018ع سان لاڳاپيل ٽاپ 50 عورتن جي فهرست ۾ پاڪستان جي سني پيڪس سينيما جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مريم ال باچا پنجين نمبر تي آهي.اها فهرست سينيما جي حوالي سان دنيا جي مشهور ويب سائيٽ سيلولائيڊ جنڪي جاري ڪئي.مريم ال باچا پاڪستان ۾ سني پيڪس سينيما گهرن جي ذميواري سنڀالڻ کان اڳ ملائيشيا جي ايم بي او سينيما گهرن جي ڊائريڪٽر آف آپريشنز هئي.مريم ال باچا فلمي ايونٽس ۾ هڪ پرجوش مقرر طور به پنهنجي جاءِ رکي ٿي.پاڪستان جي 8 شهرن ۾ سني پيڪس جا 11 سينيما گهر آهن ۽ ادارو 2020ع تائين ان تعداد کي 150 تائين وڌائڻ جو خواهشمند آهي.سني پيڪس ڪمپني سينيمائن ۾ پلاٽينم، گولڊ، سلور، 4 ڊي ايڪس، ڊولبي اسٽموس ۽ سي ايم اي ايڪس ايڪس فارميٽس به متعارف ڪرائي رهي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *