سني ليون کي شاهه رخ خان سان گڏ فلم ۾ ڪم ڪرڻ تي فخر

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي بولڊ اداڪارا سني ليون فلم رئيس ۾ پهريون ڀيرو بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان سان گڏ آئثم سانگ ۾ جلوا ڏيکاريندي، جنهن جي شوٽنگ دوران هن شاهه رخ سان ڪم ڪرڻ واري تجربي کي يقيين نه اچڻ جوڳو قرار ڏنو آهي، هڪ انٽرويو ۾ سني ليون جو چوڻ هو ته شاهه رخ خان سان گڏ فلم ۾ ڪرڻ بلڪل ائين آهي، جيئن ڪو خواب سچ ثابت ٿيندو آهي، هن چيو ته اهو تجربو مون لاءِ يقين نه اچڻ جوڳو ۽ فخر جي ڳالهه آهي، سني ليون چيو ته گاني جي شوٽنگ دوران هوءَ شاهه رخ خان جي سامهون تمام گهڻي پريساني جو شڪار به رهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *