سنجي دت جيل مان آزاد، خاص اُڏام ذريعي ممبئي پهتو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سنجي دت کي جيل مان آزاد ڪيو ويو. ڀارتي ميڊيا مطابق 56 سالن جي اداڪار کي گذريل ڏينهن پوني شهر جي يرودا جيل مان آزادي ملي. سنجي دت کي جيل جي ٻاهران وٺڻ سندس زال انيتا ۽ ٻارن سميت ويجها دوست ۽ ميڊيا جون ٽيمون پڻ موجود هيون. پوني جي هوائي اڏي تي ڳالهائيندي هن چيو ته آزادي لاءِ ڪو آسان رستو نه آهي. بعد ۾ هو پوني مان هڪ خاص اُڏام ذريعي ممبئي روانو ٿي ويو. اداڪار کي غير قانوني طور تي هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ 21 مارچ 2013ع کي ڀارت جي سپريم ڪورٽ 5 سال قيد جي سزا ٻُڌائي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *