سموري دنيا ۾ سال 2014ع ٻارڙن لاءِ بدترين رهيو، 23 ڪروڙ ٻار متاثر ٿيا

نيويارڪ(م.د) گڏيل قومن جي اداري يونيسيف سال 2014 کي سڄي دنيا ۾ ٻارڙن جي لاءِ انتهائي بدترين سال قرار ڏئي ڇڏيو آهي، هلندڙ سال پُرتشدد واقعن ۾ 23 ڪروڙ ٻار متاثر ٿيا، جنهن جي تازه مثال پاڪستان ۾ پيش اچڻ وارو پشاور اسڪول جو سانحو آهي. ٻارن جي تعليم ۽ صحت جي لاءِ ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي اداري يونيسيف جي رپورٽ ۾ چيو وي آهي ته هن سال سڄي ۾ 23 ڪروڙ ٻار مسلح تصادم جو نشانو بڻيا، 2014 ۾ ٻارن جي معذوري، جنسي زيادتي، تشدد ۽ انتهائي بيدرديسان قتل ڪرڻ جا واقعا منظر عام تي آيا. اهڙو ئي دل لوڏيندڙ واقعو 16 ڊسمبر تي پاڪستان جي شهر پشاور ۾ به پيش آيو، جنهن سڄي دنيا کي لوڏي ڇڏيو، ان ڏينهن دهشتگردن پشاور جي هڪ اسڪول ۾ حملو ڪري 135 ٻارن کي شهيد ڪري ڇڏيو، جمهوريه وسطي آفريڪا، عراق، جنوبي سوڍان، شام، يوڪرين ۽ فلسطين ۾ 1 ڪروڙ 50 لک ٻار پُرتشدد جي واقعن جو نشانو بڻيا، يونيسيف جي مطابق 2 ڪروڙ 30 لک ٻار اهڙن علائقن ۾ رهندا آهن جتي بحران يا فساد جاري آهن، جڏهن ته گني، لائبيريا ۽ سيرا ليون جي ٻارن کي ايبولا وائرس جي خطرا آهي، وسطي جمهوري افريقا ۾ فرقه ورانه تشدد جي سبب ڪل آبادي جو پنجو حصو بي گهر ٿي ويا، جنهن ۾ 23 لک ٻار متاثر ٿيا. جڏهن ته 10 هزار مسلح گروپ جو حصو بڻجي ويا ۽ 430 ماريا ويا  يا معذور ٿي ويا،  فلسطين ۾ 538 ٻار مارجي ويا، جڏهن ته 3 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي ا، شام ۾ گهرو ويڙهه سبب 73 لک ٻار متاثر ٿيا آهن، ان طرح عراق ۾ 27 لک ٻار متاثر ٿيا، جن مان 700 ماري ويا يا معذور ٿيا، ڏکڻ سوڊان ۾ ساڍا ست لک ٻار بي گهر ٿيا، 600 کان وڌيڪ مارجي ويا، 200 کان وڌيڪ معذور ۽ 12 هزار هٿياربند گروپ ۾ شامل ڪيا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *