سمورو ڌيان جوڊيشل ڪميشن جي معاملي ۽ پشاور حڪومت تي آهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته ڌانڌلين جي جاچ جوڊيشل ڪميشن جي قيام ۽ ان جا نتيجا اچڻ تائين هو اسيمبلين ۾ واپس نه ويندا  ۽ جڏهن قوم کي  پنهنجي حقن جو پتو پئجي وڃي ته تبديلي اچي ويندي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو  قومي اشوز تي قوم کي متحد ٿيڻ گهرجي. هن چيو سندن سمورو ڌيان جوڊيشل ڪميشن جي معاملي ۽ پشاور حڪومت  تي آهي. عمران خان پشاور ۾ شوڪت خانم اسپتال جي اڏاوٽ لاءِ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي امداد جي اپيل ڪندي چيو  اسپتال لاءِ ڏيڍ ارب رپين جي ضرورت آهي ۽ جيڪڏهن رقم هڪ مهيني اندر نه ملي ته اسپتال جي تعمير هڪ سال لاءِ رڪجي ويندي. عمران خان چيو 67 سالن ۾ ڌرڻي جهڙي تحريڪ نه هلي آهي ۽ ملڪ ۾  تعليم، صحت ۽ انصاف سڀ کان وڌيڪ مهانگو آهي. پي ٽي آءِ سربراهه پارٽي جي سمورن ميمبرن کي مهم ۾ حصو وٺڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪينسر جي هر مريض تي 8 کان 10 لک رپيا خرچ اچي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *