سمورو ڌيان ايندڙ فلم ”هومن جهان“ جي رليز تي آهي: ماهره خان

ڪراچي(شوبز نيوز) فلم ۽ ٽي وي اداڪاره ماهره خان چيو آهي ته هن وٽ ڪيتريون ئي بالي ووڊ ۽ پاڪستاني فلمن جا اسڪرپٽ موجود آهن پر اڃا هن ڪنهن نئين فلمي منصوبي لاءِ ڪم ڪرڻ جي حامي ناهي ڀري. هڪ تازي انٽرويو ۾ هن چيو ته هن وقت سندس سمورو ڌيان ايندڙ فلم ”هومن جهان“ جي رليز تي آهي، جنهن کانپوءِ ئي هوءَ ڪو فيصلو ڪندي. هن پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙ اداڪارن بابت ڳالهائيندي چيو ته فواد خان ذهين ۽ محنتي اداڪار آهي، جڏهن ته شاهه رُخ خان جي هو اڳ کان مداح هئي. هن سوچيو به نه هو ته هوءَ ڪڏهن شاهه رُخ سان ڪم ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *