سمورن ڪرپٽ ماڻهن جو دفاع ڪندا آهيو: سپريم ڪورٽ جي ايڊيشنل اي جي سنڌ کي ڇنڊ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي هراسان ڪرڻ واري ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ذوالفقار ڌاريجو ايل ايڇ ڊبليوز کي رات جو آفيس گهرائيندو آهي، اڄ ئي ڪيس داخل ڪرائي کيس گرفتار ڪرايون ٿا. ايڊيشنل اي جي سنڌ عدالت کي استدعا ڪئي ته اهڙي آبزوريشن سان ڌاريجو جو ڪيريئر داغدار ٿي ويندو. جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 2 رُڪني بئنچ سنڌ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران سنڌ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي انچارج ڊاڪٽر ذوالفقار ڌاريجو حلفي بيان جمع ڪرائي ڇڏيو. جنهن ۾ هُن موقف اختيار ڪيو ته سنڌ اندر ڪنهن به ليڊي هيلٿ ورڪر کي آفيس جي وقت کانپوءِ نه گهرايو ويو آهي ۽ عورتن کي حراسان ڪرڻ جو ڪوبه واقعو پيش نه آيو آهي. ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي جسٽس گلزار احمد چيو ته ڇو نه ڊاڪٽر ذوالفقار ڌاريجو کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيون، اسان کي رڳو 2 لائينز لکڻيون آهن ۽ هي نوڪريءَ تان فارغ ٿي ويندو. ذوالفقار ڌاريجو خلاف ڪيس داخل ڪرائي شام تائين کيس گرفتار ڪرايون ٿا. هي ليڊ هيلٿ ورڪرز کي رات جي وقت آفيس گهرائيندو آهي. جسٽس گلزار احمد ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان سمورن ڪرپٽ ماڻهن جو دفاع ڪندا آهيو، ليڊي هيلٿ ورڪرز هڙتالون ڪيون ۽ هاءِ وي بند ڪيو، تڏهن سندن ڳالهه ٻڌي وئي. توهان کي انگ اکرن جي خبر آهي ته سنڌ مان پوليو جا ڪيترا ڪيسز سامهون اچي رهيا آهن. 19هين گريڊ جي ملازم کي 20هين گريڊ جي پوسٽ تي رکيو ويو آهي. ايڊيشنل اي جي سنڌ شبير شاهه چيو ته عدالتي آبزرويشن سان ڊاڪٽر ذوالفقار جو ڪيريئر داغدار ٿي ويندو. جنهن تي جسٽس گلزار احمد چيو ته توهان کي خبر پئجي ويندي ته سرڪاري نوڪري ڇا آهي؟ پوءِ توهان سرڪاري وهنوار کانسواءِ هر ڪم ڪندئو. ٻڌڻيءَ دوران ايڊيشنل اي جي سُپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪيو ته سنڌ ۾ هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام جو انچارج ڊاڪٽر ذوالفقار ڌاريجو کي مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن تي جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته هاڻي اُتي به عورتون هونديون، جِن کي هي ڪم ڪرائيندو. ايڊيشنل اي جي سنڌ چيو ته هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام ۾ عورتون نه آهن، ڊاڪٽر اُتي رڳو پنهنجو ڪم ڪندو. عدالت وارننگ ڏني ته مستقبل ۾ احتياط کان ڪم ورتو وڃي، هاڻي اهڙي قسم جون شڪايتون نه اچن، جنهن بعد ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *