سمورن سياسي اڳواڻن، اقتصادي لنگهه رٿا جي حمايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) سياسي قيادت، پاڪ – چين اقتصادي راهداري منصوبي جي نگراني لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ تي اتفاق ڪري ورتو، وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ آهي ته منصوبو وڏي اهميت وارو آهي، ان بابت ڪا به ڳالهه ڳجهي نه رکي ويندي. پاڪ – چين اقتصادي راهداري روٽ تي سياسي اڳواڻن کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي. ڪانفرنس ۾ سياسي قيادت اتفاق ڪيو ته پاڪ -چين اقتصادي راهداري منصوبي جي نگراني لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙي ويندي. قومي منصوبي جي حمايت تي سياسي پارٽين جا ٿورا مڃيندي وزيراعظم چيو ته صوبن جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ ورڪنگ گروپ جوڙيو ويندو. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته قومي اشوز تي اتفاق راءِ سان هلڻ گهرجي، ماضي جي غلطين مان سڀني سبق سکيو آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت ۾ اتفاق راءِ سان 18 هين ترميم منظور ڪرڻ وڏي ڪاميابي هئي، ملڪ جو سياسي نظام مضبوط ٿي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته چين سان دوستي سياسي پارٽين جي دوستي آهي، ڪوشش آهي ته موجوده دور بهتر نموني سان گــُذري وڃي. وزيراعظم چيو ته اقتصادي راهداري منصوبو وڏي اهميت وارو آهي، ان تي هـُو ڪا به ڳالهه ڳجهي نه ٿا رکڻ چاهين. نواز شريف صفوران سانحي جا جوابدار گرفتار ڪرڻ تي سنڌ جي وڏي وزير کي واڌايون ڏيندي چيو ته واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي هر صورت ۾ ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. آل پارٽيز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته 13 مئي تي اي پي سي گهرائي وئي هئي پر ڪراچي ۾ اسماعيل برادري کي نشانو بڻائڻ وارو واقعو پيش آيو، جنهن سبب تفصيلي بحث نه ٿي سگهيو، ان ڪري هن ٻيهر اي پي سي گهرائي آهي.  وزيراعظم چيو ته صفورا سانحي بعد هو فوري طور تي ڪراچي ويو پر وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، پوليس ۽ ڳجها ادارا مبارڪ جا مستحق آهن، جن فوري طور تي ڪارروائي ڪري جوابدارن کي قانون گرفتار ڪيو، وزيراعظم وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي چيو ته هو ڪراچي جو جلد دورو ڪندو ۽ تفصيلي طور تي به جوابدارن جي گرفتاري جي حوالي سان آگاهه ڪري ۽ کيس ٻڌائي ته جوابدارن جو بيڪ گرائونڊ ڇا آهي ۽ ڪنهن سان واسطو رهيو آهي، جنهن بعد  ايڪشن کنيو  ويندو. قومي اتفاق راءِ وارن معاملن تي گڏ هلڻ گهرجي. هن چيو ته گذريل حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪيو پر سندن حڪومت ڪو به احتجاج نه ڪيو، 18 هين ترميم گذريل حڪومت جي وڏي ڪاميابي هئي، اهڙي طرح هڪ صدر کي عزت سان رخصت ڪيو ويو ۽ ٻي صدر عهدو سنڀاليو، اهو سلسلو برقرار رهڻ گهرجي. چين رڳو ن ليگ جو نه پر پاڪستان جو دوست آهي، ملڪ ۾ جنهن جي به حڪومت رهي آهي، جيڪڏهن هميشه پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ وفاقي وزيرن، چئني صوبن جي وڏن وزيرن سميت پ پ، تحريڪ انصاف، اين اين پي، جماعت اسلامي، جي يو آءِ ۽ نيشنل پارٽي سميت ٻين جماعتن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اي پي سي ۾ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري ۽ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان شرڪت نه ڪئي. پ پ طرفان خورشيد شاهه جي سربراهي ۾ اعتزاز احسن، فرحت الله بابر سميت 6 رڪني وفد اي پي سي ۾ شريڪ ٿيو جڏهن ته تحريڪ انصاف طرفان شاهه محمود قريشي جي سربراهي ۾ وفد شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ محمود خان اچڪزئي، وفاقي وزير پرويز رشيد، شاهد خاقان عباسي ۽ عبدالقادر بلوچ پڻ شريڪ هئا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *