سمورا الزام رد، نئين دهلي جي اڳرائي ۽ ڌمڪين جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي سگهجي ٿو: پرڏيهي صلاحڪار

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز، ڀارت جي سمورن الزامن کي سختيءَ سان ترديد ڪندي نئين دهلي تي واضح ڪيو آهي ته ان جي اڳرائي ۽ ڌمڪين جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي سگهجي ٿو، ”را“ جي پاڪستان ۾ مداخلت وارو معاملو گڏيل قومن آڏو اٿارڻ لاءِ غور ويچار جاري آهي. قومي اسيمبلي ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران ڳالهائيندي سرتاج عزيز چيو ته پاڪستان ۾ ڀارت جي مداخلت جون اثرائتيون شاهديون آهن. هن چيو ته پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت تي ڀارت سان پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت طرفان پاڪستان تي لڳايل سمورن الزامن جي هـُو ترديد ڪن ٿا ۽ ڀارت تي واضح ڪيو آهي ته ان جي اڳرائي ۽ ڌمڪين جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي سگهجي ٿو. سرتاج عزيز چيو ته پاڪستان ۾ ڀارتي ڳجهي اداري ”را“ جي مداخلت جو معاملو ڀارت ۽ ٻين معاملن آڏو اٿاريو آهي ۽ وزيراعظم نواز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ به اٿاريندو. پرڏيهي صلاحڪار چيو ته ڀارتي ڳجهي اداري”را“ جي مداخلت جو معاملو سلامتي ڪائونسل جي اجلاس دوران پڻ اٿاريو ويندو. پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته پاڪستان ڀارت سان نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو. پرڏيهي صلاحڪار چيو ته ڪشمير جو عوام مسئلي جو حل چاهي ٿو ۽ مسئلي جي حل لاءِ ڳالهين ۾ ڪشميرين کي به شامل ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *