سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن: عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن. سمنڊ پار پاڪستانين بابت صلاحڪار ايوب آفريدي وزير اعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران سمنڊ پار پاڪستانين جي مسئلن، کين ووٽ جو حق ڏيڻ سميت حڪومتي قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. عمران خان چيو ته حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ذريعي آسانيون پيدا ڪيون، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سمنڊ پار پاڪستانين جي شڪايتن جي ازالي لاءِ پورٽل قائم ڪيو ويو آهي. وزير اعظم خاص صلاحڪار کي  سمنڊ پار پاڪستانين ۽ سفارتخانن وچ ۾ رابطا وڌائي مسئلا حل ڪرڻ واري رفتار کي تيز ڪرڻ تي ڌياڻ ڏيڻ جي هدايت ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *