سمجهه ۾ نٿو اچي ته پنجاب ۾ ڪنهن جي ڇپر ڇانوَ هيٺ داعش جون ڀرتيون ٿي رهيون آهن: خورشيد شاهه

سکر(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه سکر پهچڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ وفاقي حڪومتپاران مداخلت جي معاملي تي وزيراعظم جي سٿ ۾ شامل ڪجهه ماڻهو مسئلو وڌائي رهيا آهن.سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ رينجرز اختيارن واري معاملي تي وفاق جي مداخلت تي صوبائي حڪومت کي شڪ آهن،جڏهن ته وزيراعظم نوازشريف جي سٿ جا ئي ڪجهه ماڻهو مسئلو وڌائي رهيا آهن،ان ڪري مسئلي جي حل لاءِ وزيراعظم پنهنجو ڪردار نڀائي.سندس اهو به چوڻ هو ته پنجاب ۾ داعش جي ڀرتين تي پنجاب حۡومت ماٺ آهي،ان ڪري سمجهه ۾ نٿو اچي ته پنجاب ۾ ڪنهن جي ڇپر ڇانوَ هيٺ داعش جون ڀرتيون ٿي رهيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *