سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي عاليه ڀٽ جا 70 لک پوئلڳ ٿي ويا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نوجوان اداڪارا عاليا ڀٽ جي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پوئلڳن جو انگ وڌي 70 لک ٿي ويو آهي، جنهن تي هوءَ تمام گهڻي خوش آهي، پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ عاليا ڀٽ چيو ته ايڏي وڏي انگ ۾ پوئلڳن مان مٿس هاڻ اهو دٻاءُ اڃا وڌي ويو آهي ته کيس وڌيڪ محنت ڪرڻي آهي، هن پنهنجي نياپي ۾ پنهنجي چاهيندڙن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته 70 لک پيار ڪندڙن جي مهرباني، توهان سڀني لاءِ منهنجو وڏو ڀاڪر آهي، هن چيو ته مان هاڻ اڃا وڌيڪ محنت ڪنديس ۽ پنهنجي چاهيندڙن جو ڳاٽ فخر وچان اوچو ڪنديس، عاليا ڀٽ فلمي ڪيريئر جي شروعات اسٽوڊنٽ آف دي ايئر کان ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ هوءِ همپٽي شرما ڪي دلهنيان، ٽو اسٽيٽس ۽ هائي وي جهڙين فلمن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي،جڏهن ته اڄڪله هوءَ شاهه رخ خان سان ايندڙ فلم جي شوٽنگ ۾ رڌل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *