سليڪٽڊ وزيراعظم مهانگائي ۾ واڌ ۾ ذميوارن پنهنجن حوارين ۽ ڪٺ پتلين جي سرپرستي ڪري رهيو آهي: بلاول زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙ سرڪاري ملازمن تي تشدد ۽ گرفتارين جي سخت مذمت ڪئي آهي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن گهر ڪئي ته سليڪٽڊ حڪومت ملازمن جاجائز مطالبا بنا دير مڃي گرفتار ملازمن کي آزاد ڪيو وڃي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت غريب ملازمن جا مطالبا ٻڌڻ بدران انهن جي خلاف طاقت جو استعمال ڪيو جنهن تي ڳڻتي آهي هن ياد ڏياريو ته پ پ حڪومت پنهنجي دور ۾ سرڪاري ملازمن جون پگهارون ٻيڻ تي وڌايون هيون پر پي ٽي آءِ حڪومت سرڪاري ملازمن کي مراعتون ڏيڻ بدران مهانگائي ۾ رڪارڊ اضافو ڪيو معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي احتجاج ڪندڙ ملازمن سان ظلم جي بازار گرم ڪئي ويئي آهي هن چيو ته اسان ملازمن سان گڏ آهيون ۽ حڪومت کان گهر ڪيون ٿا ته سمورا جائز مطالبا بنا دير تسليم ڪيا وڃن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *