سليڪٽڊ وزيراعظم ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي: راڻا ثناءَ الله

لاهور (اين اين آءِ)  ن ليگ پنجاب جي صدر رنا ثناءُ الله چيو آهي ته هاڻ صبر موڪلائي ويو آهي، هاڻ مزمت نه پر مزاحمت ڪرڻي پوندي، حڪومت خلاف تحريڪ ۾ شامل نه ٿيندڙ پاڪستان جي نقصان ۾ حصيدار سمجهيو ويندو، جعلي وزيراعظم کي هاڻ ٽپڙ گول ڪرڻا پوندا، ڊو مور جو مطالبو نه مڃڻ تي نيب جي چيئرمين کي نشانو بڻايو ويو، نهايت وقار واري جج جسٽس فائز عيسيٰ جي خلاف ريفرنس داخل ڪري نااهل اعظم سڄي قوم کي ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ڪوٽ لک پت جيل ٻاهران ميڊيان سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان پاڪستان کي استحڪام جي منزل تي پهچائيندڙ نواز شريف کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، جيڪو ورتاءُ ذوالفقار ڀٽو سان ٿيو اهو هاڻ نواز شريف سان ڪيو پيو وڃي، جسٽس فائز عيسيٰ پنهنجي ڪردار ۽ فيصلن سبب قوم ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، جسٽس فائز عيسيٰ جو والد پاڪستان مسلم ليگ جو هر اول دستو هو، قائد اعظم محمد علي جناح پنهنجي قلم سان کيس بلوچستان مسلم ليگ جو صدر مقرر ڪيو، پاڪستان ٺاهيندڙ، ان کي ترقي ڏيندڙ ۽ احسان ڪندڙ جيلن ۾ آهن، جڏهن ته سليڪٽيڊ وزيراعظم ۽ جعلي مينديٽ وارو تباهي ڪري رهيو آهي، اعلان ڪريان ٿو ته هاڻ گهڻو ٿيو، صبر موڪلائي ويو آهي، هاڻ مزمت سان ڪم نه هلندو، هن طاقتن، سليڪٽيڊ حڪومت جي مزاحمت ڪرڻي پوندي، اڄ پارليامينٽ کي سليڪٽيڊ پارليامينٽ بڻائي ڇڏيو آهي، اسپيڪر کي حڪم ڏنو ويو ته قرآن پاڪ جي تلاوت کانپوءِ اجلاس ملتوي ڪري ڀڃي وڃو، جيڪڏهن ڪو نااهل حڪومت جي خلاف مزاحمت ۾ شامل نه ٿيندو ۽ ان سان همدردي ڪندو ته اهو پاڪستان کي پهچندڙ نقصان جو ذميوار هوندو، هن چيو ته جيڪو جج اپوزيشن کي قانون موجب رليف ڏئي ان کي ٽارگيٽ بڻايو پيو وڃي، موجوده عدليا جي خلاف ساڳيو ئي طريقو استعمال ڪيو ويو، اپوزيشن کي ضمانت ڏيندڙ ججز کي ڌماڪيو پيو وڃي ۽ ريفرنس ڏنا پيا وڃن، پاڪستان جون سموريون بارز ان جي مزمت ڪري رهيون آهن، سڄو ملڪ جسٽس فائز عيسيٰ جي بهترين جج هئڻ، لياقت ۽ غير جانبداري تي يقين رکي ٿو، جعلي وزيراعظم ۽ سليڪٽيڊ حڪومت کي ٽپڙ ويڙهڻا پوندا، نالائق وزيراعظم 126 ڏينهن تائين اسلام آباد کي بند ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته ڪير منهنجي ڪارڪنن کي اچڻ کان نه روڪي، پ پ جي ڪارڪنن تي لٺبازي شرم جوڳي آهي، اهو ڏينهن ويجهو آهي سموريون سياسي پارٽيون اسلام آباد پهچنديون ۽ پوءِ ڏسنداسين ته حڪومت ڪئين طاقت سان اسلام آباد کي سيل ڪري ٿي، هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ اهو عيد جو تحفو آهي ته نالائق اعظم کان پاڪستان جي جان ڇٽي ڇو ته هن معيشت ۽ ادارن جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، ڪوٽ لک پت جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته ڪافي دير کان چئي رهيو آهيان ته هي حڪومت مشرف جي پراسڪي آهي، عمران مشرف جو بغل ٻار آهي، اهو ئي چاهي ٿو جيڪو مشرف چاهيندو هو، هن چيو ته جڏهن گهرو وزير مشرف جو هوندو، قانون وارو وزير مشرف جو وڪيل هوندو ته پوءِ عدليا جي خلاف سازش ته ٿيندي، تاريخ ياد رکي ته ماڻهو جڏهن ٻاهر نڪتا ته عدليا بحال ڪرائڻ کانسواءِ واپس نه ورندا، حڪومت جو ججز جي خلاف ريفرنس ته اچي ويو، پر نيب چيئرمين جي وڊيو بابت جاچ ۽ ريفرنس ڇو نه آيو. انجنيئر خرم دستگير چيو ته عدليا جي فيصلن سان اختلاف ٿي سگهي ٿو پر عدليا جو احترام ڪريون ٿا، پنهنجن حقن جي جنگ وڙهي رهيا آهيون ۽ وڙهندا رهنداسين، حمزه شهباز جي ڪچي ضمانت جي درخواست تي نئين بينچ جوڙي آهي، انصاف جي اميد آهي، ان اڳيان پيش ٿينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *