سليڪٽڊ عوام کان جيئڻ جو حق کسي ڇڏيو، مهانگائي خلاف ملڪگير احتجاج ڪرڻا پوندا: شھباز

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر شهبازشريف هڪ دفعو ٻيهر حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته ملڪ جو ٻچو ٻچو شاهدي ڏئي رهيو آهي ته 74 سالن ۾ بدترين حڪومت آئي آهي اسان ڏينهن رات رياست مدينه جو ذڪر ٻڌون ٿا ڪٿي رياست مدينه ۽ ڪٿي هي حڪومت، موجوده حڪومت ملڪ تي بار بڻجي چڪي آهي، بجلي جا بل بم بڻجي عوام تي ڪري رهيا آهن، غريب بجلي جو بل ۽ دوائون ڪٿان آڻيندو حڪومت آئي ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻ لاءِ وڏو زور لڳايو آئي ايم ايف هاڻي به ان کان راضي ناهي ٿيو چون ٿا ته معيشت صحيح رخ ڏانهن وڃي رهي آهي، 15 هزار ارب رپين جا قرض ورتا پر هڪ سر نه لڳائي ملڪ کي مهانگي ايل اين جي سان جيتري تباهي کي منهن ڏيڻوپئجي رهيو آهي ڪوئي ان جو اندازو نٿو لڳائي سگهي الله ڄاڻي ٿو ته يه تباهي ڪٿي پهچندي اسان سڄي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مهانگائي جي خلاف عوام سان گڏ بيهنداسين جڏهن ته اپوزيشن ليڊر شهبازشريف کي جواب ڏيڻ لاءِ مراد سعيد تقرير شروع ڪئي ته ايوان ۾ گوڙ شروع ٿي ويو جنهن سبب مراد سعيد پنهنجي ڳالهه جاري نه رکي سگهيو ڪورم مقرر نه ٿيڻ سبب اسپيڪر کي اجلاس ملتوي ڪرڻو پيو سومر تي قومي اسيمبلي اجلاس اسد قيصر جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شهبازشريف چيو ته بدقسمتي سان مني بجيٽ آئي ۽ ٻچو ٻچو شاهدي ڏئي رهيو آهي ته 74 سالن جي بدترين حڪومت آئي آهي هن چيو ته ڏينهن رات رياست مدينه جو نالو وٺڻ وارا وري مهانگي جو سيلاب آندو آهي شهبازشريف اخبارن جو حوالو ڏيندي چيو ته آئي ايم ايف اڃا تائين حڪومت جي شرطن تي راضي ناهي ٿيو ۽ وڌيڪ چنبي ۾ آڻڻ چاهي ٿو. هن چيو ته 2018 ۾ کنڊ 98 رپيا في ڪلو هئي هاڻي اها 120 رپيا ڪلو ۾ به دستياب نه آهي شهبازشريف چيو ته صدر قومي اسيمبلي ۾ اچي چيو ته معاشي واڌ صحيح رخ تي آهي جڏهن تهمان نٿو سمجهان ته زميني حقيقتون اهڙِون آهن حضور شرم طبقو پنڻ تي مجبور ٿي چڪو آهي. اپوزيشن ليڊر چيو ته حڪومت 15 هزار ارب رپين جو قرض ته ورتو پر ڪٿي هڪ سر به ناهي لڳي. شهبازشريف چيو ته حڪومت جديد ترين بجلي جا پلانٽ بند ڪري ڇڏيا ۽ مهانگائي فرنس آئل سان بجلي ٺاهي، ۽ مهانگا يونٽ ٿي رهيا آهن جنهن کان پوءِ اسپيڪر مراد سعيد کي ايوان کي خطاب جي اجازت ڏني مراد سعيد جي تقرير سان گڏ ئي قومي اسيمبلي ۾ شور گوڙ شروع ٿي ويو جنهن سبب مراد سعيد پنهنجي ڳالهه جاري نه رکي سگهيو ان دوران خرم دستگير پاران ڪورم مڪمل نه هجڻ جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ ڳڻپ کان پوءِ ڪورم مڪمل نه هجڻ تي قومي اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *