سليڪٽيڊ حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻو پوندو، فوج کي سياست کان پاڪ ڪنداسين: بلاول زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي سليڪٽيڊ وزيراعظم کي گهر روانو ڪنداسين، هي ڪهڙي آزادي آهي، 70 سالن ۾ اسان شفاف اليڪشن ناهيون ڪرائي سگهيا، ملڪ ۾ نه سياست آزاد آهي، نه صحافت ۽ اسان جو ميڊيا ۽ حڪومت ٻئي سليڪٽيڊ آهن، عوام سليڪٽيڊ حڪومت نه رڳو جمهوريت گهري ٿو، هيءَ ڪهڙي جمهوريت آهي جو چونڊن ۾ اسان جي پولنگ ايجنٽن کي ٻاهر ڪڍيو وڃي ٿو، اهو ادارو جنهن جو ڪم سيڪيورٽي هو ان کان پولنگ لسٽ چيڪ ڪرائي وڃي ٿي، اهڙين حرڪتن سان اسان جو چونڊون ۽ ادارا تڪراري ٿي وڃن ٿا، فوج ڪنهن سياسي پارٽي يا عمران خان نه آهي، هيءَ منهنجي ۽ توهان جي فوج آهي، اسان ان کي غير تڪراري ۽ غير سياسي رکنداسين، اليڪشن ۾ تڪراري نه بڻجڻ ڏينداسين، عوام کي ڪشمير تي سودو منظور نه آهي، هو آخري گهڙي تائين ڪشميرين لاءِ وڙهندو رهندو، جمعي تي آزادي مارچ کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين چيو ته مولانا سمورين اپوزيشن پارٽي کي گڏ ڪري پيغام ڏنو آهي ته ملڪ جو عوام رڳو جمهوريت گهري ٿو، اهو پارلياماني نظام جيڪو 1973 جي آئين ۾ پاس ڪيو هو، هن چيو ته عوام هن سليڪٽيڊ نظام کي نٿو مڃي، مان پڇڻ چاهيان ٿو ته هن نئين پاڪستان ۾ هيءَ ڪهڙي قسم جي جمهوريت ۽ آزادي آهي جو 70 سال گذري ويا اسان شفاف چونڊون نه ڪرائي سگهيا آهيون. بلاول چيو ته ضيا ۽ مشرف جي دور ۾ به چونڊون ٿيون هيون، ڌانڌلي ٿي هئي پر پولنگ اسٽيشن اندر فوج نه هئي، نه ئي 2008 ۽ 2013 جي چونڊن ۾ جڏهن دهشتگردي چوٽ تي هئي تڏهن به فوج کي اليڪشن ۾ اسٽيشنز اندر مقرر نه ڪيو ويو هو، 2018 جي چونڊن ۾ عمران خان لاءِ هي سڀ ڪجهه ڇو ڪيو وڃي ٿو، هن چيو ته نه رڳو اسان جي حڪومت پر اسان جي ميڊيا به سليڪٽيڊ آهي، هيءَ ڪهڙي آزادي آهي ته ميڊيا تي راءِ ايجنٽ ڪل ڀوشن ياديو ۽ ڀارت جي پائيليٽ جو انٽرويو ۽ دهشتگرن جو انٽرويو ته هلي سگهي ٿو پر ملڪ جي اڳوڻي صدر جو انٽرويو ۽ مولانا فضل رحمان جي پريس ڪانفرنس نٿي هلي سگهي، اها آزادي سمجهه کان ٻاهر آهي، اسان اهڙي نئين پاڪستان کي نٿا مڃون، بلاول چيو ته هي عوام دشمن ۽ سليڪيٽيڊ حڪومت عوام تي بار وجهي ٿي ۽ اهو ان ڪري جو عوام جي ووٽ جي ڪري، عوام جي طاقت جي ڪري حڪومت نه پئي ڪري، پر هوءَ سازشن ۽ ڪنهن ٻئي جي اشارن تي اقتدار ۾ آيا آهن ته پوءِ هو عوام کي ڇو خوش رکن، هن چيو ته هوءَ عوام تي بار وجهي سليڪٽير کي خوش ڪندا رهندا، هڪ سال ۾ معاشي قتل ڪيو ويو، عمران خان ٻه نه هڪ پاڪستان جو واعدو ڪندو هو، ان جي معاشي پاليسي اها آهي ته عوام کي تڪليف ڏئي ۽ اميرن کي رليف پهچائي ٿو، بلاول ڀٽو چيو ته اميرن لاءِ ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم هوندي آهي پر غريبن لاءِ اهڙي ڪا اسڪيم ناهي هوندي، ڪو بيل آئوٽ ناهي هوندو، اهو رڳو ان لاءِ آهي ته اسان جو وزيراعظم سليڪٽيڊ ۽ نالائق آهي، عمران خان تي تنقيد ڪندي هن چيو ته ڪٺ پتلي وزيراعظم جي دور ۾ ڪشمير تي تاريخي حملو ٿي رهيو آهي، اسان جو وزيراعظم ڪشمير تي انساني حقن واري ڪونسل ۾ ڪو ٺهراءُ آڻي ٿو، هي رڳو ٽوئيٽ ڪري ٿو، عوام کي خبر آهي ته سليڪٽيڊ وزيراعظم ڪشمير کپائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي عوام کي ڪشمير جو سودو قبول نه آهي، هو آخري گهڙي تائين ڪشميرين لاءِ وڙهندو رهندو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *