سلمان خان 2 ڪلاڪ ميزباني ڪرڻ عيوض ٻه ڪروڙ گهري ورتا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي دبنگ خان ايوارڊ شو جي تقريب ۾ رڳو ٻن ڪلاڪن لاءِ ميزباني جا فرض نڀائڻ تي 2 ڪروڙ معاوضو گهري ورتو.سلمان خان جو نالو نه رڳو بالي ووڊ پر دنيا جي مڃيل اداڪارن ۾ شامل ٿئي ٿو ۽ ڪيترين ئي بهترين فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن،ان لاءِ ئي کيس فلم جي ڪاميابي جو ظامن سڏيو ويندو آهي.جڏهن ته سلو ميان فلم انڊسٽري ۾ سڀ کان وڌيڪ معاضو وٺندڙ اداڪارن جي فهرست ۾ به اڳيان اڳيان آهي.سلمان خان کي هڪ ايوارڊ تقريب جي ميزباني لاءِ چيو ويو ۽ جنهن جو وقت به 2 ڪلاڪ ٻڌايو ويو،پر سلو ميان پنهنجو معاوضو 2 ڪروڙ ٻڌايو.ميڊيا ۾ اهي به خبرون اچي رهيون آهن ته بالي ووڊ ڪنگ خان جي جاءِ تي ايوارڊ شو جي ميزاباني نڀائڻ لاءِ سلمان خان کي چيو ويو، جنهن تي سلو ميان راضي ته ٿيو پر ٻن ڪلاڪن لاءِ 2 ڪروڙ رپيا گهري ورتا آهن، جنهن لاءِ تقريب ڪوٺائيندڙن ڪجهه ڏينهن جو وقت گهري ورتو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *