سلمان خان ۽ شاهه رُخ خان کي اسٽار نه ساٿي اداڪار سمجهان ٿو: نواز الدين صديقي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار نواز الدين صديقي چيو آهي ته هو سلمان خان ۽ شاهه رُخ خان کي اسٽار نه ساٿي اداڪار سمجهان ٿو. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب 49 سالن جي اداڪار سلمان خان سان ”بجرنگي ڀائيجان“ ۾ ڪم ڪري چڪو آهي، جڏهن ته هن پنهنجي نئين فلم ”رئيس“ ۾ شاهه رُخ خان سان فلم جي پهرين شيڊول جي شوٽنگ ڪئي آهي. ٻنهي خانز سان ڪم ڪرڻ جي تجربي جي حوالي سان هن چيو ته جڏهن هو سيٽ تي خانز سان هوندو آهي ته هو انهن کي ساٿي اداڪار سمجهان ٿو. نواز الدين چيو آهي ته جيڪڏهن هو اهو سوچڻ شروع ڪري ڇڏي ته هو هنن سان اداڪار طور ڪم ڪري رهيو آهي ته هو پنهنجي ڪردار کي بهتر طريقي سان ادا نه ڪري سگهندو. هن چيو ته هو شوٽنگ دوران اهو ناهي سوچيندو ته هن سان گڏ ڪير ڪم ڪري رهيو آهي، هو پنهنجو ڌيان رڳو پنهنجي اداڪاريءَ تي رکندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *