سلمان خان فلم ”بجرنگي ڀائي جان“ جي بليڪ ان وائيٽ پينٽنگ جاري ڪري ڇڏي

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار سلمان خان ٽوئيٽر تي نئين فلم ”بجرنگي ڀائي جان“ جي بليڪ ان وائيٽ پينٽنگ جاري ڪري ڇڏي آهي. بالي ووڊ اداڪار سلمان جنهن جي نئين فلم جو تازو ئي پهريون پوسٽر ۽ هڪ گانو ”سليفي لي لي رهي“ جاري ٿيو آهي. اداڪار ٽوئيٽر تي ان فلم جي بليڪ ان وائيٽ ورزن ۾ پينٽنگ پڻ جاري ڪئي آهي جنهن کي مداحن گهڻو پسند ڪيو آهي. فلم ۾ سندس هيروئن ڪرينا ڪپور هوندي، فلم جولاءِ ۾ سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *