سلمان خان سان ڪم ڪندي تمام گهڻو مزو آيو ۽ هو هڪ تمام سٺو تجربو رهيو: سونم ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪپور خاندان جي لاڏلي اداڪارا سونم ڪپور چيو آهي ته کيس سلمان خان سان ڪم ڪندي تمام گهڻو مزو آيو ۽ هو هڪ تمام سٺو تجربو رهيو. 2007ع  ۾ سانوريا ذريعي سلمان، راني مکرجي ۽ رنبير ڪپور سان گڏ بالي ووڊ ۾ انٽري ڏيندڙ سونم ڪپور هڪ ڀيرو ڪجهه سالن کان پوءِ سونم سلمان خان سان مين رول ۾ نظر ايندي، ميلورن جي شو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سونم چيو ته ڪيترن ئي سالن کان پوءِ به بالي ووڊ ۾ ساڳي حيثيت ۾ ڪم ڪيان پئي ۽ ڪا وڏي تبديلي ناهي آئي. فيشن بابت ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته اهو مسئلو ناهي ته ڪهڙو ٿا فيشن ڪيو ۽ ان بابت ٻين جي راءِ ڪا وڏي اهميت ناهي هوندي، هن چيو ته اها اسان ڀارتين جي روايت آهي ته اسان امڙ، سس، ڀاءُ، مڙس ۽ دوست کي خوش ڪرڻ لاءِ انهن جي پسند جو فيشن يا سينگار ڪنديون آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *