سلمان خان سان ڪم نه ڪنديس: ديشا پٽاني

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي اڀرندڙ اداڪارا ديشا پٽاني ڀارت جي دبنگ خان سان فلمن ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.پرڏيهي /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 39

ميڊيا جي رپورٽن موجب اداڪارا ديشا پٽاني هڪ انٽريو ۾ چيو آهي ته فلم ”ڀارت“ سلمان خان سان سندس پهرين ۽ آخري فلم هوندي.هن چيو ته سندس ۽ سلمان خان جي  عمر ۾ گھڻو فرق آهي. سلمان خان سان فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ها ان ڪري ڪئي هئي جو ان فلم ۾ سلمان خان کي 20 کان 30 سالن جي نوجوان طور ڏيکاريو ويو آهي.باغي ٽو فلم جي اداڪارا سلمان خان بابت چيو ته هو سٺو انسان آهي ۽ آئون هن کان گھڻو ڪجهه سکيو آهي.ديشان پٽاني وڌيڪ چيو ته فلم ڀارت مون لاءِ خاص آهي ۽ آئون ان کان اڳ اهڙي ڪنهن به فلم ۾ ڪم ناهي ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *