سلمان خان جي ”هيرو“ ۽ جان ابراهيم جي ”ويلڪم بيڪ“ هڪ ئي ڏينهن تي رليز ٿينديون

ممبئي (شوبزنيوز) بالي ووڊ جا ٻه ڪامياب اداڪار سلمان خان ۽ جان ابراهيم پنهنجي فلمن جي رليز جي ڪري هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اچي ويا آهن. اداڪار جان ابراهيم جي فلم ”ويلڪم بيڪ“ 4 سيپٽمبر تي رليز ڪئي ويندي جنهن جو اعلان هن گذريل ڏينهن ايوينٽ دوران ڪيو هو، پر سلمان خان جي پروڊڪشن ۾ ٺهندڙ فلم ”هيرو“ کي به ان ئي ڏينهن رليز ڪيو پيو وڃي، جنهن جو اعلان تازو ئي سلمان خان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي ڪيو هو. سلمان خان ٽوئٽر تي ان فلم جي رليز تي سڀني کي”پوئتي هٽي وڃڻ“ جي لاءِ چيو هو، جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته هو جان ابراهيم کي ان جي فلم جي تاريخ بدلائڻ جو اشارو ڏئي رهيو هو، پر تازو ئي فلم ”ويلڪم بيڪ“ جو ٽريلر رليز وقت فلم جي پروڊيوسر فروز نڊيا والا جو چوڻ هو ته ان فلم جي رليز جي تاري ڪنهن به طريقي نه بدلائي ويندي ۽ فلم 4 سيپٽمبر تي رليز ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *