سلمان خان، دپيڪا پڊوڪون سان ڪم نه ڪرڻ بابت ٻڌائي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) سبالي ووڊ مداح سلمان خان ۽ دپيڪا پڊوڪون کي به فلم ۾ گڏ ڏسڻ چاهيندا آهن ڇو جو هن وقت تائين ٻنهي گڏجي ڪنهن به فلم ۾ ڪم ناهي ڪيو پر ان جو سبب ڪهڙو آهي؟ سلمان خان پهريون ڀيرو ان راز تان پڙدو کٽي ڇڏيو. ميڊيا طرفان پڇيل سوال جو جواب ڏيندي هن دلچسپ انداز ۾ چيو ته سچ ڳالهه ته اها آهي جو مان پاڻ  به حيران آهيان ته دپيڪا پڊوڪون سان گڏ ڪڏهن ڪم ڪندس. سلمان خان ان پٺيان انا پرستي کي سبب قرار ڏيڻ بابت خبرن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ کلندي چيو ته هن وقت تائين ڪنهن به مونکي دپيڪا سان ڪاسٽ ئي ناهي ڪيو. دپيڪا پڊوڪون هڪ سپر اسٽار آهي ۽ هن سان ڪم ڪرڻ لاءِ مونکي هن جي لائق ٿيڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *