اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي پنجاب گورنر سلمان تاثير جي قتل جي ڏوهاري ممتاز قادري سزاءِ موت خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي. خواجا شريف ايڊووڪيٽ ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو آئين ۽ قانون سان مطابقت نٿو رکي. تعزيرات پاڪستان جي دفعه 2 0 3 تحت گهٽ ۾ گهٽ سزا ڏني وڃي، معاملو قتل جو نه فوري اشتعال جو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ممتاز قادري جي سزاءِ موت برقرار رکي هئي جنهن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. ممتاز قادري اڳوڻي پنجاب گورنر سلمان تاثير کي اسلام آباد جي ڪوهسار مارڪيٽ ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن تي کيس موت جي سزا ٻڌائي وئي.