سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي افسوس جو اظهار، ڪشمير مسئلي جو پرامن حل اڻٽر آهي: پاڪستان

نيويارڪ (اين اين آءِ) پاڪستان ڪشمير مسئلي بابت سلامتي ڪائونسل ۾ ڪيترائي ڏهاڪا اڳ منظور ٿيندڙ قراردادن تي اڃا تائين عملدرآمد نه ٿيڻ کي افسوسناڪ ڪوٺيندي چيو ته ڪشمير مسئلي جو پرامن حل اڻٽر آهي، ڪشميرين جا حق حاصل ڪرڻ لاءِ قانوني جدوجهد کي دهشتگردي ڪوٺي ختم نٿو ڪري سگهجي مليحه لوڌي عالمي اداري جي جنرل اسيمبلي جي سماجي انساني ۽ ثقافتي معاملن بابت ڪميٽي کي ٻڌايو ته ڊگهو عرصو اڳ ڪيل ڪشميرين کي ان جو حق خوداراديت ڏيڻ جا واعدا پورا ڪرڻ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن قائم ڪرڻ بي حد ضروري آهي حق خود اراديت جي عنوان تي بحث دوران خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته ان حقيقت جي باوجود ته پاڪستان ڀارت ۽ پوري عالمي برادري ڪشميري بابت سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي حمايت، انهن قراردادن تي ڪيترائي ڏهاڪا گذرڻ تي به عملدرآمد نه ٿيو. ڪشميرين جا ڪيترائي نسل عالمي برادري پاران پورا نه ٿيندڙ واعدن جا شاهد آهن والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي لتاڙ عروج تي آهي ۽ حق خوداراديت حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن ان موقعي تي مليحه لوڌي وزيراعظم محمد نوازشريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب جو حوالو ڏنو جنهن ۾ هن ڪشمير مسئلي کي پرامن نموني ۽ ڪشميري عوام جي امنگن مطابق هر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *