سفارتڪاري سان فوجي تڪرار کي ٽاري سگهجي ٿو، ٽڪراءُ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي: عمران خان

اسلام آباد/ماسڪو /واشنگٽن (اين اين آءِ/م.ڊ) وزيراعظم عمران خان جي ماسڪو ۾ روسي صدر ولادي مير پيوٽن سان ون آن ون اهم ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، خطي جي صورتحال ۽ خاص ڪري افغانستان جي سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو. ان کان پوءِ روسي صدر طرفان وزيراعظم عمران خان جي اعزاز ۾ مانجهاندي جو انتظام ڪيو ويو. ملاقات کان پوءِ وفد جي سطح تي ڳالهايون ٿينديون، جن ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار تي گڏيل يادداشت جا معاهدا ڪيا ويندا. ٻئي طرف روسي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ وزيراعظم عمران خان وچ ۾ روسي راڄڌاني ماسڪو ۾ ملاقات کانپوءِ وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان گذريل ڪجهه مهينن ۾ صدر پيوٽن سان ٽيليفون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه کي ياد ڪندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مستقبل ۾ به وڌيڪ اڳتي وڌندا. وزيراعظم اسٽريم گيس پائيپ لائين منصوبي کي پاڪ روس اقتصادي لاڳاپن ۾ اهم قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان روس سان ڊگهي مدي ۽ گهڻ طرفي لاڳاپا قائم ڪرڻ چاهي ٿو. وزيراعظم عمران خان روسي صدر پيوٽن سان ملاقات ڪئي بيان موجب وزيراعظم روس، يوڪرين جي تازي صورتحال تي افسوس جو اظهار ڪيو، پاڪستان اميد ظاهر ڪئي ته سفارتڪاري سان فوجي ڇڪتاڻ ٽاري سگهي ٿي، تڪرار ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي. بيان موجب وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ترقي پذير ملڪ تڪرارن ۾ سڀ کان وڌيڪ معاشي طور متاثر ٿيندا آهن. وزيراعظم چيو ته ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت صورتحال مستقبل ۾ به جاري رهندي، اعتماد ۽ دوستاڻا لاڳاپا گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع ڪندا. بيان موجب وزيراعظم عمران خان ڏکڻ ايشيا جي صورتحال تي روشني وڌي، ڏکڻ ايشيا جي معاملي تي وزيراعظم والاريل ڪشمير جي صورتحال تي روشني وڌي ۽ والاريل ڪشمير تڪرار جي پرامن حل تي زور ڏنو.  ھوڏانھن آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان نيڊپرائس چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان کي روس جي يوڪرين تي حملي جي حوالي سان پنهنجو موقف ٻڌائي ڇڏيو آهي جڏهن ته روسي صدر والديمير پيوٽن جي منصوبن جي خلاف آواز اٿارڻ هر ملڪ جي ذميواري آهي نيڊ پرائس ميڊيا بريفنگ دوران ان سوال جو جواب ڏئي رهيو هو ته روس ۽ يوڪرين وچ ۾ ڇڪتاڻ کان پوءِ آمريڪا، وزيراعظم عمران خان جي روس جي دوري کي ڪيئن ڏسي ٿو ماسڪو ۽ ڪيف وچ ۾ هي ڇڪتاڻ هٿياربند ٽڪراءُ جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي پرڏيهي کاتي جي ويب سائيٽ تي موجود نيڊ پرائس جي بيان مطابق هن چيو ته اسان يوڪرين تي روس جي نئين حملي جي حوالي سان پاڪستان کي پنهنجي موقف کان آگاهه ڪري ڇڏيو اهي ۽ اسان کيس جنگ جي حوالي سان سفارتڪاري کي اڳتي وڌائڻ جي پنهنجي ڪوششن کان به ٻڌائي ڇڏيو آهي پاڪستان جو وزيراعظم گذريل ڏينهن پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري تي روس پهتو هو پنهنجي دوري دوران هو روسي ڪمپنين سان گڏجي تعمير ٿيندڙ ڊگهي عرصي کان تعطل جوشڪار اربين ڊالر جي گئس پائيپ لائين جي منصوبي کي اڳتي وڌائڻ تي زور ڏيندو روسي صدر سان ملاقات ۽ معاشي تعاون سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ وزيراعطم عمران خان جو دورو اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن ڪيترنئي اولهه جي ملڪن روس تي اوڀر يوڪرين جي ڪجهه حصن ۾ فوج مقرر ڪرڻ تي نيون پابنديون لڳائي ڇڏيون اهن ڏنل بريفنگ دوران هڪ رپورٽر پاران نيڊ پرائس کان پڇا ڪئي وئي ته وزراعظم عمران خان جي دوري جي ٽائيمنگ بابت پرڏيهي کاتي جو تجزيو ڇا آهي. ترجمان چيو ته آمريڪا ان دوري کان بلڪل آگاهه آهي اسان سمجهون ٿا ته هي سڄي دنيا جي هر ذميوار ملڪ جي ذميواري اهي ته روسي صدر جي ذهن ۾ يوڪرين بابت منصوبي تي پنهنجي ڳڻتي ظاهر ڪري ۽ ان تي اعتراض ڪري. نيڊ پرائس جو چوڻ هو ته آمريڪا، پاڪستان سان پنهنجي پراڻي ڀائيواري ۽ تعاون کي امريڪا جي مفادن لاءِ اهم سمجهي ٿو جڏهن ان کان پڇا ڪئي وئي ته ڇا آمريڪا سمجهي ٿو ته وزيراعظم عمران خان جو دورو روسي صدر جي قدمن جي سڌي طرح توثيق آهي ان تي نيڊ پرائس چيو ته هي سوال رپورٽر کي پاڪستاني حڪومت کان پڇڻو پوندو ته ان جو ارادو ڇا آهي هن چيو ته مان ان پوزيشن ۾ نه آهيان ته پرڏيهي هم منصبن جي ٻئي ملڪ جي سفر جي ٽائيمنگ بابت ڪوئي اندازو پيش ڪري سگهان.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *