سعيد غني ۽ سندس ڀاءُ ڏوهارين جا سهولتڪار، پوليس جي سيڪريٽ رپورٽ پڌري منظرعام تي اچي وئي آهي. ا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير امتياز شيخ خلاف سيڪريٽ رپورٽ تيار ڪندڙ ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان جي هڪ ٻئي صوبائي وزير سعيد غني خلاف تيار ٿيل مبينا سيڪريٽ رپورٽ منظرعام تي اچي وئي آهي. آءِ جي سنڌ ڪليم امام جي تبديلي واري فيصلي کانپوءِ سنڌ سرڪار جو هڪ ٻيو وزير به انڪشافن سان ڀريل رپورٽ جي وڪڙ ۾ اچي ويو. صوبائي وزير سعيد غني ۽ سندس ڀاءُ فرحان غني جي ڏوهارين سان مبينا رابطن بابت رپورٽ منظرعام تي اچي وئي آهي. امتياز شيخ خلاف سيڪريٽ رپورٽ تيار ڪندڙ ايس ايس پي شڪارپور اٽڪل 25 مهينا اڳ جڏهن ڪراچي جي جمشيد ٽائون ۾ ايس ايس پي هو، تڏهن هُن صوبائي وزير سعيد غني خلاف به مبينا سيڪريٽ رپورٽ تيار ڪئي، جيڪا هاڻي منظر عام تي اچي وئي آهي. مبينا سيڪريٽ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صوبائي وزير سعيد غني جو ڀاءُ فرحان غني ڀاڙتي جي قاتلن ۽ منشيات فروشن جو سهولتڪار آهي، چنيسر ڳوٺ ۾ فرحان غني ۽ حسن عرف ناٿا جي مضبوط نيٽ ورڪ آهي، حسن ناٿا صوبائي وزير سعيد غني جو ويجهو مائٽ آهي. مبينا سيڪريٽ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته حسن ناٿا ۽ فدا جوڳي جاچ دوران فرحان غني سان رابطن جي تصديق ڪئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فرغان غني ڏوهارين سان مستقبل رابطن ۾ آهي ۽ اُن جي ڪال رڪارڊ به رپورٽ جو حصو آهي. مبينا رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته منشيات فروشن جو ويجهو ساٿي ظهير احمد صوبائي وزير سعيد غني جي آفيس ۾ ملازم آهي، محمود آباد پوليس اسٽيشن جو اهلڪار به منشيات فروشي ۾ ملوث آهي، جڏهن ته ايڪسائيز کاتي جو عملدار رئوف منشيات فروشن سان گڏ مليل هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *