سعيد غني جي ووٽر لسٽ جي تصديقي عمل ۽ نوان ووٽ داخل ڪرڻ لاءِ ضلعي تنظيمن کي فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي محنت ۽ اطلاعات واري وزير، پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني ووٽرز لسٽ جي تصديقي عمل ۽ نوان ووٽ داخل ڪرڻلاءِ ضلعي تنظيمن کي فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو ته 2017 جي قانون مطابق جيڪا ايڊريس گهرجي عارضي هجي يا مستقل ان تي ئي ووٽر لسٽ ۾ هڪ ايڊريس تي ئي ووٽ داخل ٿي سگهي ٿو اهڙن خيالن جو اظهار هن پيپلزپارٽِ ڪراچي ڊويزن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو اجلاس ۾ ڪراچي ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري جاويد ناگوري، نائب صدر مرزا مقبول، نجمي عالم، سردار خان، ذوالفقار قائمخاني، آصف خان، شڪيل چوڌري، شاهينه شيرعلي، سمورن ضلعن جا صدر جنرل سيڪريٽري ۽ انفارميشن سيڪريٽري پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن، پيپلز يوٿ، پيپرز ليبر، پيپز وڪيل فورم، ڪشمير ڪميٽي جا صدر ۽ ٻيا عهديدار شريڪ ٿيا اجلاس ۾ ووٽر لسٽون، آدمشماري ۽ 30 نومبر تي پارٽي جي يوم تاسيس جي تيارين سميت ٻين تي تفصيلي غور ڪيو ويو. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ووٽر لسٽن ۾ نالا داخل ڪرڻ ۽ گهر گهر ووٽرز جي تصديق لا3 جاري عمل لاءِ سمورا ضلعي جا صدر پنهنجو هڪ فوڪل پرسن مقرر ڪن جيڪو سٽي ۽ يو سي سطح رپورٽ تيار ڪري روزاني جي بنياد تي صدرجي حوالي ڪري، سمورن ضلعن جي عهديدارن تي لازم آهي ته اهي آدمشماري ۽ ووٽر لسٽ ۾ پنهنجي ضلعي جي رهندڙ ماڻهن کي داخل ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي لاڳاپيل آفيسرن سان گڏجي ڪم ڪن ۽ جن جن گهرن ۾ گذريل ووٽر لسٽن ۾ نالو داخل ڪرڻ وقت 18 سالن کان گهٽ عمر جاماڻهو شامل نه ٿيا هئا ۽ هاڻي اهي 18 سالن جا ٿي ويا آهن ته سندن نالا داخل ڪيا وڃن سعيد غني هدايت ڪئي ته سمورا ضلعي جا عهديدار روزانو جي بنياد تي سٽي ۽ يو سي سطح تي ان حوالي سان رپورٽ طلب ڪن ۽ ان ڳالهه جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻي پوندي ته آدمشماري ۽ ووٽر لسٽن ۾ سمورن 18 سالن کان وڌيڪ عمر وارن جا نالا داخل ٿين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *