سعيد اجمل جي انٽرنيشنل ڪيريئر تي “فل اسٽاپ” لڳي ويو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) سعيد اجمل جي انٽرنيشنل ڪيريئر  تي “فل اسٽاپ” لڳي ويو. هو زمبابوي جي خلاف هوم سيريز ۾ حصو نه وٺي سگهندو. عملي هن کي ڪائونٽي ڪرڪيٽ کيڏي فارم بحال ڪرڻ جو مشورو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بولنگ ايڪشن صحيح ٿيڻ کانپوءِ سعيد اجمل کي بنگلاديش لاءِ اسڪواڊ ۾ جاءِ ڏني وئي هئي پر ان ۾ ماضي جهيڙو دم نظر نه آيو  ۽ هو 11 هين رانديگر کان به آئوٽ ٿي ويو. زمبابوي سان ٿيندڙ مئچن ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ميچن ۾ سعيد اجمل کي شامل نه ڪيو ويندو. سعيد اجمل کي مشورو ڏنو ويندو ته اهو انگلش ڪائونٽي ڪرڪيٽ کيڏي پنهنجي فام بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. اتي ڊگهي بالنگ اسپيل انهي کي بولنگ ورائٽيز ٺاهڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو. ياد رهي ته اسپنر جو ووسٽر شائر سان معاهدو به آهي. گذريل سيزن ۾ هن 9 ميچن ۾ 93 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون. ذريعن جو چوڻ آهي ته سعيد انور 37 سال جو ٿي ويو آهي. هاڻي هن وٽ گهٽ وقت رهجي ويو آهي. چيف سليڪٽر هارون رشيد سومر جي ڏينهن سريلنڪا کان وطن واپس ايندو، هو سريلنڪا اي ٽي جو جائزو وٺڻ لاءِ ويو هو. سابق ٽيسٽ بئٽسمين ۽ ٻين سليڪٽرن سان گڏ اڱاري تي فيصل آباد وڃي ويندو. جتي ٽي ٽوئنٽي ايونٽ ۾ رانديگرن جي فارم ۽ فٽنيس معلوم ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *