سعودي پرڏيهي وزير جون وزير اعظم ۽ آرمي چيف سان ملاقاتون، خطي جي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو) سعودي عرب ۽ ايران ۾ شروع ٿيل ڇڪتاڻ سبب خطي جي بدلجندڙ صورتحال ۾ سعودي پرڏيهي وزير عادل بن احمد الجبير اهم دوري تي پاڪستان پهچي اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف،آرمي چيف ۽ سرتاج عزيز سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪري خيالن جي ڏي وٺ ڪئي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير عادل بن احمد الجبير اهم دوري تي اسلام آباد پهتو،جتي ايئرپورٽ تي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ ٻين اعليٰ اختيارين سندس شاندار استقبال ڪيو سعودي عرب جي پرڏيهي وزير اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز سان ڌار ڌار ملاقات ڪري خطي جي صورتحال جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي عادل بن احمد الجبير،وزيراعظم نواز شريف سان پي ايم هائوس ۾ ملاقات ڪري خطي جي بدلجندڙ صورتحال جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ان موقعي تي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز،قومي سلامتي واري صلاحڪار ۽ پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري پڻ شرڪت ڪئي سعودي پرڏيهي وزير، وزيراعظم نواز شريف کي شاهه سلمان بن عبدالعزيز جو اهم پيغام پڻ پهچايو ان کان اڳ سعودي پرڏيهي وزير،آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان به جي ايچ ڪيو راولپنڊيءَ ۾ ملاقات ڪري علائقائي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آءِ ايس پي آر موجب سعودي عرب جي پرڏيهي وزير عادل بن احمد الجبير ۽ پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف وچ ۾ ملاقات دوران علائقائي سلامتي واري صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب سعودي عرب جي پرڏيهي وزير دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪوششن جي ساراهه پڻ ڪئي عادل بن احمد الجبير وزيراعظم ۽ آرمي چيف سان ملاقات کانپوءِ پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز سان پڻ نويڪلائيءَ ۾ ملاقات ڪري تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ڌار ڌار ملاقاتن بعد پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ وفدن جي سطح تي پڻ ملاقات ٿي سرتاج عزيز جي سربراهي ۾ پاڪستاني وفد ۾ پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري ۽ ٻين ملاقات ۾ شرڪت ڪئي،جڏهن ته سعودي عرب جي وفد ۾ پرڏيهي وزير عادل الجبير،سعودي سفير ۽ ٻيا شامل هئا ٻئي طرف سياسي مبصر خطي جي بدلجندڙ صورتحال ۾ سعودي پرڏيهي وزير جي پاڪستاني دوري کي اهم قرار ڏئي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *