سعودي ولي عهد ۽ منهنجي ڌيءَ صرف سٺا دوست آهن: لنڊسي لوهان جو والد

 

نيويارڪ (شوبز نيوز) ناليواري آمريڪي اداڪارا، فيشن ڊيزائنر ۽ موسيقار لنڊسي لوهان جي والد پنهنجي ڌيءَ ۽ سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جي لاڳاپن جي ترديد ڪدني چيو آهي ته انهن ٻنهي وچ ۾ احترام جو رشتو آهي، گذريل مهيني اداڪارا لنڊسي لوهان ۽ سعودي ولي عهد محدم بن سلمان وچ ۾ لاڳاپن جون خبرون ميڊيا جي زينت بڻيل هيون ۽ چيو پئي ويو ته ٻئي هڪ ٻئي کي پسند ڪن ٿا.ان کان علاوه دي نيويارڪ پوسٽ ٽيبلوئڊ پيج 6 جي ايڊيٽر موجب لنڊسي لوهان ۽ سعودي ولي عهد نه صرف هڪ ئي جي ويجهو ئا پر ٻنهي وچ ۾ پيغامن جي ڏي وٺ به ٿيندي رهي آهي ۽ لنڊسي سعودي شهزادي جي نجي جهاز ۾ پڻ گهمندي رهي آهي، ان کان علاوه کيس محمد بن سلمان مهانگا تحفا پڻ ڏنا، جڏهن ته لنڊسي لوهان جي والد مائيڪل لوهان پنهنجي ڌيءَ جي سعودي ولي عهد سان لاڳاپن جي خبرن جي ترديد ڪئي آهي، هاڻوڪن ڏينهن ۾ ڏنل هڪ انٽرويو ۾ مائيڪل پنهنجي ڌيءَ ۽ سعودي ولي عهد جي لاڳاپن جي باري ۾ وضاحت ڪندي چيو آهي ته ٻئي صرف سٺا دوست آهن ۽ ٻنهي وچ ۾ احترام جو رشتو آهي، مائيڪل لوهان جو چوڻ هو ته سندس ڌيءَ وچ اوڀر ۾ تمام گهڻن بااثر ماڻهن سان دوستي آهي.لنڊسي ۽ محمد بن سلمان جي ملاقات ان وقت ٿي هئي جڏهن سندس ڌيءَ وچ اوڀر ۾ مهاجرن جي مدد ڪرڻ وئي هئي، مائيڪل وڌيڪ چيو ته ڪنهن به منهنجي ڌيءَ جي ان چڱي ڪم جي باري ۾ نه لکيو جيڪو هن شامي پناهگيرن جي مدد ڪري ڪيو هو، سڀني صرف خراب ڳالهيون ڪيون ۽ افواهون ئي ٻڌڻ چاهين ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *