سعودي عرب جي سلامتي کي خطرو ٿيو ته ڀرپور جواب ڏينداسين: آرمي چيف

راولپنڊي (اين اين آءِ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته سعودي عرب جي خودمختيار ۽ علائقائي بقا کي خطرو آڏو هئڻ جي صورت ۾ پاڪستان جو رد عمل سخت هوندو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپا آهن، اسپيشل آپريشنل فورسز جون مشقون ٻنهي ملڪن جي دهشتگردي خلاف گڏيل ڪوششن جي اهميت جاگر ڪن ٿيون، انشاالله دهشتگردي جي لنعت کي شڪست ڏينداسين، آءِ ايس پي آر مطابق چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف جمعي تي جهلم ويجهو قومي دهشتگردي روڪٿام مرڪز پنڊي جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي گڏيل فوجي مشقن الشهاب جي پڄاڻي واري تقريب جو معائنو ڪيو، جنرل راحيل شريف چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ مضبوط لاڳاپا آهن، مشقن ۾ شامل ٿيندڙ سان ملاقات ۾ هن مشقن جي سلسلي ۾ سندن دلچسپي ، جذبي ۽ پيشوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو، هن چيو ته هي مشقون ٻنهي ملڪن جي دهشتگردي خلاف گڏيل ڪوششن جي اهميت اجاگر ڪن ٿيون ۽ انشاالله دهشتگردي جي سمورين شڪلن کي شڪست ڏينداسين، ان کان اڳ دهشتگردي روڪٿام مرڪز پهچڻ تي انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايواليشن ليفٽيننٽ جرنل قمر جاويد باجوا آرمي چيف جو استقبال ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *