سعودي عرب جي سالميت کي خطرو ٿيو ته پاڪستان سخت رد عمل ظاهر ڪندو: خواجه آصف

اسلام آباد (بيورو) بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته سعودي عرب جي  علائقائي سالميت کي خطرو ٿيو ته پاڪستان ساڻس گڏ هوندو، جڏهن ته پاڪستان هميشه دهشتگردن سان اڪيلو وڙهيو آهي ساڻن ڏکي وقت ۾ ڪو به ملڪ مدد لاءِ اڳتي نه وڌيو. پارليامنٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پاليسي بيان ڏيندي خواجه آصف چيو ته  سعودي جي سالميت کي خطرو ٿيو ته پاڪستان سخت رد عمل ظاهر ڪندو. بچاءَ واري وزير چيو ته 31 مارچ تي پاڪستاني وفد سعودي عرب جو دورو ڪيو جنهن دوران سعودي عرب مدد جي درخواست ڪئي. خوجا آصف چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جا ڀائراڻا  لاڳاپا آهن،مسلمان ملڪن جي اتحاد لاءِ سعودي عرب جو موقف واضح آهي. هن چيو ته وزير اعظم مسلمان ملڪن ۾ اتحاد لاءِ مختلف اڳواڻن سان رابطا ڪيا، جڏهن ته 8 مارچ تي ايران جو پرڏيهي وزير پاڪستان اچڻو آهي جيڪا پڻ ان سلسلي جي ڪڙي آهي. بچاءَ واري وزير يچو ته ايران سان يمن معاملي جو پرامن حل ڪڍڻ لاءِ ڳالهيون ٿينديون. خواجا آصف چيو ته نواز شريف پرامن حل لاءِ ترقي جو دورو ڪيو، ۽ ٻنهي ملڪن جو يمن معاملي تي هڪ  جهڙو موقف آهي. بچاءَ واري وزير جو چوڻ هو ته يمن صورتحال تي پاڪستان ٽياڪڙي لاءِ تيار آهي. سندس چوڻ هو ته سعودي عرب ويڙهاڪ ۽ سامونڊي جهاز گهريا آهن جنهن بابت فيصلو نه ٿي سگهيو آهي. هن چيو ته سعودي عرب اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان سندن فوجي مدد ڪندو. خواجا آصف چيو ته يمن حڪومت کي غير مستحڪم ڪرڻ جي هو مذمت ڪن ٿا. هن چيو ته سعودي جي درخواست تي پارليامينٽ جي فيصلي جو احترام ڪبو. سندس چوڻ هو ته عوام ۽ قومي مفاد کي سامهون رکي فيصلو ڪيو ويندو جڏهن ته نواز شريف ماضي ۾ به سمورا فيصلا ملڪي مفادن ۾ ئي ڪيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترقي کي يمن جي صورتحال تي ڳڻتي آهي ۽ هو چاهين ٿا ته معاملو پر امن نموني ئي حل ٿيڻ گهرجي. بچاءَ واري وزير چيو ته ادارن جو تقدس ۽ احترام  سندن اوليت آهي ،پارليامينٽ کي قومي مسئلن لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جي واحد فوج آهي جيڪا سڌي ريت دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي پئي. هن چيو ته پاڪستان جڏهن ڏکئي وقت ۾ اچي ويندو آهي ته ان جي ڪو به مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي. خواجا آصف جو چوڻ هو ته دهشتگردي جي خاتمي تائين سندن جنگ جاري رهندي. هن چيو ته مسلم ملڪ ڳالهين ذريعي يمن  معاملو حل ڪرڻ جا خواهشمند آهن. بچاءَ واري وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان مڪمل طور سعودي عرب جي حمايت ڪري ٿو. خواجا آصف چيو ته يمن معاملي تي سڀني جي راءِ وٺڻ لاءِ اجلاس گهرايو ويو جڏهن ته فيصلي وقت وزير اعظم نواز شريف موجود هوندو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي اسيمبلين ۾ واپسي جمهوريت جي ڪاميابي آهي. سندس چوڻ هو ته هو سڀ يمن صورتحال کان آگاهه آهن جڏهن ته ڪو به فيصلو قومي مفاد کي نظر ۾ رکي ڪيو ويندو. هن چيو ته 503پاڪستانين کي ڏيهه واپس آندو ويو آهي ۽ وڌيڪ ٻين ماڻهن کي به آندو ويندو. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته يمن سڪيورٽي صورتحال جا پاڪستان تي اثر پوندا. هن چيو ته هو شهرين جي حفاظت سان واپسي تي سعودي جا ٿورائتا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *