سعودي عرب امن جو آخري قلعو آهي، حرمين شريفين جي حفاظت ڪنداسين: سراج الحق

اسلام آباد (بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق يمن جي صورتحال بابت ٺهراءَ جي حمايت ڪندي چيو آهي ته سعودي عرب امن جو آخري قلعو آهي، ڪنهن به سازش تحت ان کي نقصان نه پهچڻ گهرجي، يمن بحران جي حل لاءِ پاڪستان ترڪي ۽ ايران سان گڏجي ڪردار ادا ڪري. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته يمن معاملي کي مقامي سطح تي حل ڪرڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان سندن واضح موقف هو ته پاڪستان ٽياڪڙي جو  ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته يمن  بابت ترڪي ۽ ايران جو مثبت رد عمل سامهون آيو آهي، اميد آهي ته يمن ۾ جاري ويڙهه جلد ختم ٿي ويندي، پاڪستان کي ان حوالي سان ٻنهي ملڪن کي اعتماد ۾ وٺي اڳتي وڌڻ گهرجي. جماعت اسلامي جي امير چيو ته جنگ سان سعودي عرب، يمن ۽ عالمي برادري جو نقصان آهي، سعودي عرب امن جو آخري قلعو آهي، ڪنهن به سازش ذريعي ان کي نقصان نه پهچڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ سراج الحق چيو ته عوام چونڊيل نمائندن کي پارليامينٽ ۾ اچڻ جو مينڊيٽ وڙهڻ لاءِ نه پر عوامي مسئلا اجاگر ڪرڻ لاءِ ڏنو آهي. جماعت اسلامي جي امير چيو ته ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جو قيام سياسي جرڳي ۽ جمهوريت جي ڪاميابي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *