سعودي عرب اسٽيٽ بئنڪ وٽ 3 ارب ڊالر رکرائيندو، معاهدو طئي ٿي ويو، پڌرائي جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ ڊپازٽ معاهدو طئي ٿي ويو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ هڪ ڊپازٽ معاهدي تي اڄ صحيحون ڪيون ويون، جنهن ۾ سعودي عرب جي نمائندگي سعودي جي ترقي لاءِ فنڊ ۽ پاڪستان جي نمائندگي اسٽيٽ بئنڪ ڪئي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته معاهدي تي سعودي فنڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلطان بن عبدالرحمان مرشد ۽ اسٽيٽ بئنڪ گورنر رضا باقر ڪراچي ۾ صحيحون ڪيون. پڌرائيءَ موجب ڊپازٽ معاهدي تحت سعودي فنڊ اسٽيٽ بئنڪ وٽ 3 ارب ڊالر رکرائيندو ۽ اها رقم اسٽيٽ بئنڪ جي مٽاسٽا ذخيرن جو حصو بڻجي ويندي، اها رقم ملڪي مٽاسٽا ذخيرن ۾ مدد ڪندي ۽ ڪورونا وبا جي ناڪاري اثرن کان بچڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڊپازٽ معاهدو مضبوط ۽ خاص لاڳاپن جي عڪاسي آهي ۽ ان سان ٻنهي ملڪن ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *