سعودي شهزادي پاران عمران خان جي ساراهه، عظيم قيادت پاڪستان کي درست طرف وٺي وڃي رهي آهي: محمد بن سلمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان وزيراعظم عمران خان کي ساراهيندي چيو آهي ته عظيم قيادت پاڪستان کي درست رخ ڏانهن وٺي وڃي رهي آهي. پاڪستان جي ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ٿيڻ /ڏسو صفحو 2 بقايا نمبر 17

عد روانگي جي موقعي تي نور خان ايئر بيس تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان چيو ته پاڪستان پاڪستان جغرافيائي لحاظ کان اهم ملڪ آهي ۽ اهم ملڪ آهي ۽ اسان ان کي پنهنجو گھر سمجهندا آهيون. عمران خان جي عظيم قيادت ۾ پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي ۽ ايندڙ سالن ۾ وڏو معيشت بڻجندو، ان لاءِ پنهنجي سيڙپڪاري ۽ ڪوششون هتي لڳائي رهيا آهيون، جيڪي سمجهوتا ٿيا اها رڳو شروعات آهي، ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪنداسين. محمد بن سلمان جو چوڻ هو ته پاڪستان جي عظيم قيادت ملڪ کي درست رخ ڏانهن وٺي وڃي رهي آهي، 2030ع ۾ پاڪستان دنيا جي ٻين وڏي معيشت بڻجندو ۽ چين پهرين نمبر تي هوندو، پاڪستان کي يقينن پنهنجي پاڙيسري ملڪ مان فائدو پهچندو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته سوشل ميڊيا تي سعودي ولي عهد جو پاڻ کي پاڪستان جو سفير چوڻ جي بيان تي ساراهيو ويو. جيڪڏهن محمد بن سلمان پاڪستان ۾ اليڪشن وڙهندو ته هن کي مون کان گھڻا ووٽ ملندا، پاڪستان کاي توهان پنهنجو ٻيو گھر سمجهو. وزيراعظم سعودي جيلن مان پاڪستاني قيدين کي آزادي تي محمد بن سلمان جو ٿورو مڃيندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ گھڻين مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *